25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

متحده سان آدم شماري ۽ تڪ بندين تي پري پول ريگنگ ٿي آهي: فيصل سبزواري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ فيصل سبزوار چيو آهي ته ڪراچي جي لاءِ الڳ ۽ ملڪ جي  لاءِ الڳ قانون آهي. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن کان اڳ ڪراچي ۾ اسان جا بينر ۽ پوسٽر هٽايا پيا وڃن. فيصل سبزواري چيو ته اسان جي اميدوار جاويد حنيف کي نيب گرفتار ڪيو، حالانڪ نيب جو چوڻ آهي ته اليڪشن تائين ڪنهن کي گرفتار نه ڪيو ويندو ته پوءِ نيب چيئرمين حڪم جاري ڪري ته جاويد حنيف کي آزاد ڪيو وڃي. هن چيو ته نگران حڪومت کي پيپلز پارٽي ٽو نه بڻائڻ گهرجي، آدم شماري، تڪ بندين تي اسان سان پري پول ريگنگ ٿي چڪي آهي. فيصل سبزواري چيو ته ڪجهه پارٽيون ايم ڪيو ايم کي مئل ڳئون سمجهي رهيون آهن، پيپلز پارٽي ڏيڍ هزار ارب هڙپ ڪيا انهن جا ڪيس ختم ڪيا ويا، قانون جو فرق واضح آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ن ليگ حڪومت جي مني بجيٽ رد ڪري ڇڏي، ڀرپور بحث جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي حڪومت جي مني بجيٽ کي رد ڪندي قومي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے