23 آچر , سيپٽمبر 2018

سپريم ڪورٽ ڀاشا ۽ مهمند ڊيم جي فوري طور تعمير جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڀاشا ۽ مهمند ڊيم جي فوري طور تعمير جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ڊيمن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته آبي ذخيرا نه رڳو زندگي پر ملڪي بقا لاءِ به اڻٽر آهن، جڏهن ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل موجب ڀاشا ۽ مهمند ڊيم تي ڪو تڪرار ناهي.  ٻڌڻي دوران ارسا بريفنگ ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ ٻه نوان ڊيم ٺاهڻ جي ضرورت آهي، ائين ڪرڻ سان وڌيڪ 7 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي جمع ڪرڻ جي گنجائش پيدا ٿي ويندي. انڊس ريور سسٽم اٿارٽي موجب ملڪ جي ضرورت 25 ملين ايڪڙ فٽ آهي پر فوري طور تي ٻه ڊيم ٺاهي هر 10 سالن کان پوءِ نئون ڊيم ٺاهڻ سان فائدو ٿيندو. ارسا طرفان عدالت ۾ ڏنل بريفنگ ۾ چيو ويو ته 1976ع ۾ تربيلا ڊيم مڪمل ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ نئين ڊيم جي تعمير شروع ڪرڻ گهرجي ها پر 1990ع ۾ نئون ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، حقيقت ۾ پاڻي جو مسئلو ڪنهن به حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ناهي رهيو. بريفنگ دوران چيف جسٽس ثاقب نثار ناڻي واري سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته قوم ڊيمن جي تعمير بابت مدد ڪرڻ چاهي ٿي، ڇا قانون اسان کي ڊيمن لاءِ عطيو وٺڻ جي اجازت ڏئي ٿو؟. ان کان اڳ ڊيمن لاءِ قرض وٺڻ جي سوال تي ناڻي واري سيڪريٽري جو چوڻ هو ته اسان اڳ ئي اندرين ۽ ٻاهرين قرضن ۾ ٻڏل آهيون، چيف جسٽس جي پڇاڻي تي هن چيو ته آئين ڪنهن خاص ڪم لاءِ اڪائونٽ کولڻ جي اجازت ڏيندو آهي. ناڻي واري سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته هن وقت ساليانو 170 رپيا في ايڪڙ وصول ڪيو ويندو آهي، زرعي شين جون قيمتون به 1900 رپيا في ايڪڙ تائين پهچي چڪيون آهن، صوبن کي 15 سئو رپيا في ايڪڙ ڍَل وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ته 70 ارب ساليانو گڏ ٿيندا، جنهن سان 10 سالن کانپوءِ نئون ڊيم ٺاهي سگهجي ٿو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي پروٽوڪول تي احتجاج ڪندڙ شهري تي ڪيس داخل

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) صدر عارف علوي جو پروٽوڪول ٽوڙڻ، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ …