24 سومر , سيپٽمبر 2018

ايون فيلڊ ريفرنس تي فيصلي سان ملڪ ۾ احتساب اڳتي وڌندو: شاهه محمود قريشي

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي نائب چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ راجا ظفر الحق جي رپورٽ بابت اهم فيصلو ڪيو آهي، ختم نبوت معاملي تي ظفر الحق جي رپورٽ پبلڪ نه پئي ڪئي وئي، اسان رپورٽ جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو، عدالت اڄ فيصلو ٻڌايو ۽ رپورٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، يقين آهي ته مسلمانن جي دل آزاري جي نشاندهي ٿي ويندي. پنهنجي بيان ۾ شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ايون فيلڊ ريفرنس 9 مهينا ٻڌو ويو، هاڻ جمعي تي فيصلو ٻڌايو ويندو، اميد آهي ته فيصلو قانون ۽ انصاف موجب هوندو، ايون فيلڊ ريفرنس تي فيصلي سان ملڪ ۾ احتساب اڳتي وڌندو. هن چيو ته اسان نظرياتي ماڻهو آهيون، نظرئي تي سوديبازي نه ڪنداسين، 20 تاريخ تي عمران خان ملتان ايندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ديامر ڀاشا ۽ مهمند ڊيم فنڊ جو نالو پي ايم سي فنڊ رکڻ جي منظوري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ديا مر ڀاشا ۽ مهمند ڊيم فنڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے