24 سومر , سيپٽمبر 2018

ٽي ملڪي سريز: زمبابوي جو پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 163 رنسن جو ٽارگيٽ

tri nation series: Zimbabwe's target of 163 runs to win Pakistanهراري (اسپورٽس نيوز) ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سريز جي چوٿين ميچ ۾ زمبابوي پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 163 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو. هراري اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ سرفراز احمد ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.  ميزبان زمبابوي محتاط انداز ۾ اننگز جي شروعات ڪئي، سلومن مائز 94 رنسون ٺاهي اڳڀرو رهيو ٻين رانديگرن ۾ مساڪنڊا33، زووائي 24 ۽ ڪپتان هيملٽڻ مساڪدزا 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم مقرر 20 اورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 162 رنسون ٺاهي سگهيم گرين شرٽس طرفان محمد عامر، حسين طلعت، فهيم اشرف ۽ شاداب خان هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: ڀارت هڪ دفعو وري پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي سرپر فور جي هڪ ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے