18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ٿرپارڪر ۾ ٻارن جي فوتگين وارو مامرو: جاچ ڪميشن ڪم شروع ڪري ڇڏيو

Child abuse issues started in Tharparkar: The commission started the commissionٿرپارڪر(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي طرفان ٿرپارڪر ۾ ٻارن جي فوتگين جي جاچ لاءِ قائم ڪيل ڪميشن جي ٽيم متاثر علائقي ۾ پهچي وئي. آءِ جي گلگت بلتستان ثناءَ الله عباسي تي ٻڌل جاچ ڪميشن جي سربراهي ۾ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ جي صحت کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.ڪميشن اڄ ٿرپارڪر جي مختلف اسپتالن ۽ ڊسپنسرين جو دورو ڪندي. ڪميشن جي سربراهه ثناءَ الله عباسي چيو آهي ته ٻارن جي فوتگين  بابت رپورٽ 10 ڏينهن ۾ مڪمل ڪري سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي، صحت کاتي کان  ٿر ۾ ڊاڪٽرن جي خالي جاين ۽ مقررين توڙي  بدلين جي باري ۾ معلومات ورتي آهي. ثناءَ الله عباسيءَ وڌيڪ چيو ته ضلعي جي ٻين اسپتالن ۽ ٻهراڙي جي صحت مرڪزن جو به دورو ڪنداسين ۽ پوري سچائي ۽ ايمانداري سان جاچ ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے