23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڪرپشن اسڪينڊل: ملائيشيا جي اڳوڻي وزير اعظم نجيب رزاق تي فرد جرم لاڳو

Corruption Scandal: Appeal a crime on former Malaysian Prime Minister Najib Razzaqڪوالامپور(ويب ڊيسڪ) ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم نجيب رزاق تي ڪرپشن اسڪينڊل ڪيس ۾ 3 الزامن تحت فرد جرم لاڳو ڪيو ويو جڏهن هن ڏوهه قبولڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيو. اينٽي ڪرپشن ڪميشن گذريل ڏينهن ڪوالامپور ۾ قائم  اڳوڻي وزيراعظم نيجب رزاق جي ذاتي رهائشگاهه تي ڇاپو هڻي مالي بدعنوانين جي الزام ۾ کيس گرفتار ڪيو هو.  پرڏيهي خابرو داري موجب ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم کي اڄ ڪوالامپور جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران نجيب رزاق تي سرڪاري فنڊن ۾ بدعنوانين ۽ ڳوٻهين جا 3 الزامن لڳايا ويا آهن، جڏهن اڳوڻي وزيراعظم ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪيو آهي. جج جو چوڻ آهي ته نجيب رزاق تي ڊسمبر 2014 کان مارچ 2015 جي دوران پنهنجي اختيارين جو غلط استعمال ڪرڻ جو الزام آهي،  ان دوران سرڪاري فنڊن مان 10 ملين ڊالرن جي رقم ان جي بينڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي وئي هئي. رپورٽون آهن الزام ثابت ٿيڻ تي اڳوڻي وزيراعظم کي هر الزام تي 20، 20 ورهيه جيل جي سزا ٿي سگهي ٿي، ان کان سواءِ ڪوڙا هڻڻ جي سزا پڻ ملي سگهي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شام ۾ داعش سان تعلق هئڻ جي شڪ ۾ برطانوي ڊاڪٽر گرفتار

دمشق ( ويب ڊيسڪ ) شام ۾ شدت پسند تنظيم داعش سان واسطو رکڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے