22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

چونڊن جو بائيڪاٽ سٺي ڳالهه ناهي، جهموريت مضبوط ٿي رهي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

Election results are not a good idea, prosperity is strengthening: Bilawal Bhutto Zardari

نوابشاهه(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ حڪومتن جو ڪم آهي ۽ دنيا ۾ ڪو به ملڪ اهڙو ناهي جتي ڪنهن عداليا ڊيم ٺاهيو هجي. نواب شاهه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرادري چيو ته پاڪستان ۾ پاڻي سڀ کان وڏو مسئلو آهي، پيپلز پارٽي ان مسئلي جي حل لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ اسان سنڌ ۾ ڪيترائي ننڍا ڊيم ٺاهيا پر ان باجود ڪنهن ٻي سياسي جماعت ان مسئلي تي آواز نه اُٿاريو. پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته ڪالاباع ڊيم ٺاهڻ تي اتفاق راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي، جيڪي ڊيم ٺاهڻ چاهن ٿا انهن جي پنهنجي ئي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهو ڊيم نقصان پهچائيندو ۽ دنيا ۾ ڪو به اهڙو ملڪ ناهي جتي ڪنهن عداليا ڊيم ٺاهيو هجي. هن چيو ته چونڊن جي وقت ڊيم ٺاهڻ جو ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، ڊيم ٺاهڻ حڪومت جو ڪم آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جهموريت کان پوئتي هٽيا آهيون نه هٽنداسين، تمام وڏي ڪاميابي آهي اقتدار هڪ حڪومت کان ٻي حڪومت ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي، پيپلز پارٽي کي عوام تي اعتماد آهي ۽ ڪٽ پتيلن کي به چوان ٿو ته عوام تي اعتماد ڪن. مسلم ليگ تي تنقيد ڪندي بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته پهريان به ن ليگ وارن کي چيو هو ته کين شڪست نظر اچي رهي آهي ان جو اهو مطلب ناهي ته هو چونڊ مقابلي کان الڳ ٿي وڃن ۽ اهي جماعتون جن پنهنجو ڪو به منشور پيش ناهي ڪيو، شاهد اهو چاهين ٿيون ته چونڊن ۾ دير ٿئي ته جيئن هو ٻئي ڪنهن رستي جي چونڊ ڪري سگهن،  پاڪستان تحريڪ انصاف سان اتحاد بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ سان نظرياتي اختلاف آهي انڪري اتحاد مشڪل آهي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي خلاف ٺهندڙ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ لائنس(جي ڊي اي) بابت سوال جي جواب بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پتلي اتحاد مان واقف آهيون، انهن جو ايجنڊا الڳ الڳ آهي، جڏهن ته سنڌ جو عوام انهن سان گڏ ناهي، عوام پيپلز پارٽي ۽ بينظير ڀٽو سان گڏ آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے