19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڳڙهي خيرو: واٽر سپلاءِ جي تلاءَ ۾ وهنجندي نينگر ۽ نينگري ٻڏي فوت

Garhi Khero: Children one boy and one girl died due to drowning*ڳڙهي خيري  ويجهو واٽر سپلاءِ جي تلاءَ ۾ وهنجندي نينگر ۽ نينگري ٻڏي فوت ٿي ويا

ڳوٺ اميد علي جوڻيجو ۾ تلاءَ ۾ وهنجندي 8 سالن جي  صائمه جوڻيجو ۽ 6 ورهين جو حسنين جوڻيجو  ٻڏي فوت ٿي ويا.

ٻارڙن جي ٻڏڻ جو اطلاع وارثن کي ڏنو ويو  وارثن پهچي ٻارڙن کي تعلقه اسپتال ڳڙهي خيرو آندو جتي ڊاڪٽرن سندن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.

ٻارڙن فوتگي جو اطلاع گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ ڳوٺ جو ماحول سوڳوار بڻجي ويو .

ٻي طرف فوتي ٻارن جي  وارث استاد عبدالحڪيم جوڻيجو ميڊيا کي ٻڌايو ته انتظاميه جي نا اهلي سبب حادثو پيش آيو.

 هن چيو ته واٽر سپلاءِ کي چوديواري به نه هئي ۽ نه ئي چوڪيدار يا ٻيو عملوموجود هو جنهن سبب حادثو پيش آيو آهي.

ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته نا اهل واٽر سپلاءِ اسڪيم جي ملازمن کي هٽائي واٽر سپلاءِ جي تلاءَ  کي چوديواري ڏياري وڃي ته جيئن اهڙن حادثن کان بچي سگهجي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Golarchi

نيوز | گولاڙچي: نوجوان تي حملي خلاف شيعا تنظيمن جي سڏ تي هڙتال

گولاڙچي ۾ شيعا تنظيمن پاران مجلس تان موٽندڙ نينگر کي زخمي ڪرڻ خلاف شٽر بند …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے