19 اربع , سيپٽمبر 2018

صاف پاڻي اسڪينڊل، پنجاب پاور ڪپمني ڪيس،  شهباز شريف نيب اڳيان پيش

Clean Water Company Schedule: PML-N President Shahbaz Sharif presented a day in NAB

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ مسلم ليگ ن جو صدر شهباز شريف نيب اڳيان پيش ٿي ويو. نيب مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف کي صاف پاڻي ڪمپني اسڪينڊل ۽ پنجاب پاور ڪمپني ڪيس ۾ اختيارين جي غيرقانوني استعمال سميت مبينا ڪرپشن جي الزامن ۾ طلب ڪيو آهي ۽ سندس طلبي جو نوٽيس گذريل ڏينهن سندس رهائشگاهه تي اُماڻو ويو هو  تفصيل موجب نيب لاهور صاف پاڻي ڪمپني ڪيس ۽ پنجاب پاور ڪمپني ڪيس  ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف کي 5 جولائي تي طلب ڪيو هو پر  چونڊ مصروفيتن سبب هو اڄ ئي پيش ٿيو جڏهن ته هن نيب کان هڪ ڏينهن اڳ پيش ٿيڻ جي درخواست ڪئي هئي.  ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب جي ٽي رڪني ٽيم شهباز شريف کان ٻنهي ڪيسن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ ڪجهه دير بعد هو نيب جي آفيس مان روانو ٿي ويو. ياد رهي ته نيب صاف پاڻي اسڪينڊل ۾ روالپنڊي جي تڪ اين اي 59 تان چوڌري نثار جي مقابلي ۾ مسلم ليگ ن جي اميدوار قمر الاسلام کي پڻ گرفتار ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے