18 اربع , جولاءِ 2018

چوماسي کان اڳ انتظامن جي ضرورت

سنڌ ۾ جيتوڻيڪ چوماسي جا مينهن پوڻ شروع نه ٿيا آهن پر موسميات کاتي ملڪ جي باقي حصن جيان سنڌ ۾ به چوماسي جي تيز مينهن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. في الحال ته صورتحال اها آهي ته سڄي ملڪ اندر پاڻيءَ جي شديد کوٽ آهي ۽ ڊيم به ڊيڊ ليول تي پهتل آهن پر فطرت ڪنهن وقت ڦيرو ٿي کائي سا ڪنهن کي ڪل نه هوندي آهي، تنهن ڪري اهو سوچي هٿ تي هٿ رکي ويهي رهڻ ته هيل ته پاڻي ئي ڪونهي، تنهن ڪري ٻوڏ کي يا امڪاني مينهن جي صورت ۾ پيدا ٿيندڙ ٻوڏ جهڙي صورتحال جا ڪي به اڳواٽ انتظام نه ڪرڻ جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا.

هيءَ جيڪا مند هلي پئي تنهن ۾ معمول جا مينهن به پئجي سگهن ٿا، معمول کان گهٽ به ۽ معمول کان وڌيڪ به، سو لاڳاپيل ادارن کي هر قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ نه رڳو تيار رهڻ گهرجي پر ان ڏس ۾ اڳواٽ انتظام به ڪري ڇڏڻ گهرجن.

سنڌ اندر ويجهڙ وارن سالن تي نظر ڦيرائبي ته هوبهو اهڙي ئي صورتحال نظر ايندي جهڙي اڄ آهي. 2010ع ۾ شروع شروع ۾ ته پاڻي جي شديد کوٽ هئي، ماڻهو آڳاٽي خريف جي فصلن جي وقت سر پوکائيءَ لاءِ پريشان هئا، اوچتو مينهن وٺا، ملڪ جي مٿين حصن ۾ تيز برساتون ته پيون ئي پيون پر گليشيئر به معمول کان وڌيڪ ڳريا، گڊو ۽ سکر بئراجن وٽ جيترا لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ جي اڳ ڪٿي ڪئي وئي هئي ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪي انتظام ڪيا ويا هئا تن تي ان وقت پاڻي ڦري ويو، ڪوهه سيما واري جابلو سلسلي ۾ اوچتو تيز مينهن جي ڪري نيون ۽ واهڙ وهي آيا ۽ اهو پاڻي جنهن جي سطح جو ڪنهن کي اندازو نه هو، سو جڏهن سنڌوءَ ۾ اچي داخل ٿيو ته سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي سطح اوچتو ان حد تائين وڌي وئي جو اختياريون ان کي منهن ڏيڻ ۽ پاڻي جي ايڏي وهڪري کي پهرين ڳڊو ۽ پوءِ سکر بئراجن مان گذرڻ جا انتظام نه ڪري سگهيون.

چيو اهو ٿي ويو ته پاڻي ٻارهن لک ڪيوسڪ آهي، جيڪو گذرڻ جي گڊو بئراج ۾ گنجائش آهي پر پاڻي جي سطح ايتري وڌيڪ هئي جو پاڻي ٻنهي بئراجن جي پلين تي اٿلڻ شروع ٿي ويو هو، ٻنهي بئراجن تي پلين وچ ۾ پاڻيءَ جو دٻاءُ وڌڻ ڪري پاڻيءَ جو ٻنهي پاسي بندن تي دٻاءُ وڌي ويو ۽ ايئن اٺ يا ڏهه آگسٽ 2010ع تي ٽوڙي بند ٽُٽو. جنهن سان جيڪا تباهي آئي تنهن جي اثرن کان سنڌ اڃا ٻاهر ناهي نڪري سگهي. 2010ع واري مهاٻوڏ سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري واري سنڌ جي زرعي معيشت، بنيادي ڍانچي ۽ ماڻهن جي گهرن گهاٽن کي تباهه ڪري ڇڏيو هو.

اهڙي طرح 2011ع ۾ وري تيز مينهن کان پوءِ شهري علائقن ۾ جيڪا ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي هئي، تنهن سنڌوءَ جي کاٻي پاسي وارن علائقن ۽ شهرن کي ٻوڙي اتان جي معيشت ۽ بنيادي ڍانچو تباهه ڪري ڇڏيو هو، جيڪو ست اٺ سال گذرڻ باوجود اڃا به بحاليءَ جي مرحلي ۾ آهي. سو چوڻ ته قدرتي آفت ڪنهن وقت به ڪرڪي سگهي ٿي.

ڪڏهن ڪڏهن رحمتون به زحمتون ۽ آفتون ٿي انسان تي ڪڙڪي پونديون آهن. جن کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهڻ گهرجي. پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ آبپاشيءَ جو انگريزن جي دور کان هڪ منظم ۽ اثرائتو آبپاشي نظام، قائم آهي، ان نظام تحت سنڌوءَ مان بئراج نڪرن ٿا، بئراجن مان ڪئنال، واهه، شاخون ۽ واهڙ نڪري ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين پاڻي پهچائين ٿا. سنڌ آباد ٿئي ٿي، آبي جيوت، انساني جيوت ۽ جهنگلي جيوت ان تي تڳي ٿي.درياهه ۾ اچي پاڻي جي شديد کوٽ ٿيندي آهي ۽ مارو ماڻهن منهن تي مايوسي هوندي آهي ته اها مايوسي وري اوچتا مينهن پاڻي ۾ واڌ جو ذريعو بڻجي مرڪ ۾ تبديل ڪري ٿا ڇڏين.

سو چوڻ جو مطلب ته ان جديد آبپاشي نظام جو ڪاروهنوار هلائڻ، ان کي ٽٽڻ کان بچائڻ لاءِ هڪ انتظام تحت هر سال بجيٽ رکي وڃي ٿي، جنهن سان بند مضبوط ڪرڻ جو ڪم ڪيو وڃي ٿو ۽ جتي جتي اهي بند ڪمزور آهن، اتي انهن کي پٿرن جي پچنگ ذريعي مضبوط بڻائي ماڻهن کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ انهن فنڊن جو درست استعمال نه ٿيڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن رحمت به زحمت ۽ قدرتي آفت بڻجي ڪڙڪيو پوي، بلڪل ايئن جيئن 2010ع ۽ 2011ع ۾ ٿيو هو.

سو هاڻي جڏهن چوماسو مٿان اچي پهتو آهي، ڪالهه مينهن ملڪ جي مٿين حصن خاص ڪري لاهور ۾ هاڃا ڪيا آهن ته ان صورتحال کي ڏسندي سنڌ ۾ به ڪنهن به امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي، درياهي بندن جي مضبوطيءَ جو ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ شهرن ۾ به نالن جي صفائي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اوچتي تيز برسات جي صورت ۾ شهري ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿيڻ بدران برساتي پاڻي نالن ۽ فطري گذرگاهن ذريعي وهي نڪري وڃي، نگران سرڪار کي ان ڏس ۾ هنگامي بنيادن تي اپاءَ وٺڻ گهرجن.

اربع 4 جولاءِ 2018ع، 19 شوال 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

عام چونڊن دوران امن امان هر حال ۾ يقيني بڻائڻ جي ضرورت

وفاقي حڪومت اعتراف ڪيو آهي ته ملڪ جي اهم سياستدانن تي چونڊ مهم دوران حملن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے