20 خميس , سيپٽمبر 2018

سنڌي ثقافت جو اهڃاڻ علڻ فقير

ابراهيم لاشاري

سنڌي ثقافت جو اهڃاڻ فنڪار علڻ فقير سال 1932ع ڌاري ڌمالي فقير مڱڻهار دهلاري جي گهر  جمعي جي ڀلاري ڏينهن  تي دادو  ضلعي جي تاريخي ڳوٺ آمري ۾پيدا ٿيو . سندس والد پنهنجي ابي ڏاڏي واري ڪرت ڪري  يعني دهل وڄائي پنهنجو پيٽ پاليندو هو . جئين تي ڳائڻ وڄائڻ سندس ابي ڏاڏي جي ڪرت (پيشو) هو .تنهن ڪري هو ننڍپڻ ۾ دهل وڄائڻ سکيو ۽ دهل وڄائي نچندو هو .تر جي ڳوٺن ميلن ملاکڙن کان علاوه پنهنجي سڄي ضلعي دادو جي پيرن فقيرن جي ميلن ملاکڙن تي دهل جي وڄت سان ماڻهن جي دلين کي جهومائڻ تي مجبور ڪندو هو. علڻ فقير راڳ جي شروعات هن هڪ ڏنڊي ۾ گهنگرو ٻڌي ڪئي تنهن بعد علڻ فقير اسٽيج ۽ ميلن تي مزاحيا اداڪاري جي فن سان سلهاڙجي ويو . جتي ڪٿي پنهنجي فن جو مظاهرو پيو ڪندو هو . هڪ ڏينهن سنڌ جي مشهور مسخري محمد بخش کيس صلاح ڏني ته هن فن کي ختم ڪري ، پوءِ واقعي ٿيو به ائين علڻ فقير مسخري واري فن کي الوداع ڪري ڇڏيو . پوءِ سنجيده ٿي باقاعده طور ڳائڻ جي فن ۾ محو ٿي ويو . هن ڳائڻ جي سکيا مولچند مهراج مانجهند واري کان ۽ زوار قربان علي لنجواڻي کان ورتي هئي .علڻ فقير کي قدرت واري اهڙي ته مٺڙي ۽ مڌر آواز سان نوازيو هو جو سندس آواز منجهه غصب جي اداسي ۽ ميٺاج ۽ سحر  سمايل هو هن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي وائي کي جديد رنگ ۽ انداز ۾ عام ماڻهن ۾ معتارف ڪرايو. اهو علڻ فقير پوءِ اڳتي هلي (شاهه جي وائي) جو اڳواڻ سڏجڻ لڳو.

هن شاهه سائين جي بيت وائي کي پنهنجي نرالي انداز سان نه رڳو سنڌ منجهه پر سڄي دنيا منجهه معتارف ڪرايو .علڻ فقير عام طور ڪاري رنگ جو لباس پهريندو هو ،ليڪن مٿي تي هميشه اجرڪ جو پٽڪو وڏو لاجواب (طري) سان پڻ ٻڌندو هو .هٿ منجهه دنبورو کڻي ان تي چوٽ هڻي ڳائيندو هو سندس لباس ٻين سڀني فنڪارن کان نمايان هوندو هو سندس لباس جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي ، سندس لباس ٺيٺ سنڌي قسم جو هوندو هو ،جنهن ۾ مٿي سان ٻڌل اجرڪ هميشه ڏسڻ وٽان هوندو هو سندس لباس سنڌي ثقافت سان سر شار پري کان نظر ايندو هو  . ڪڏهن ڪڏهن علڻ فقير جوڳين واري ٽوپي به پائيندو هو .هن شيخ اياز جي وائي ( ٽڙي پوندا ٽارئين ،جڏهن ڳاڙها گل )هڪ نرالي انداز سان ڳائي مشهوري ماڻي علڻ فقير اسٽيج جو بادشاهه ڳائڻو هوندو هو، جڏهن به اٿي جهمر هڻندو هو ته ويٺل ماڻهو سندس اٿي ساٿ ۽ داد پڻ ڏيندا هئا . علڻ فقير کي ريڊيو پاڪستان تي معتارف ڪرڻ جو سهرو ماياناز براڊڪاسٽر مرحوم ممتاز مرزا صاحب ڏي وڃي ٿو ، ممتاز مرزا علڻ فقير کي سال 1961ع ڌاري ريڊيو تي ان زماني ۾ وٺي آيو  هو. جڏهن هو سنڌي پروگرام (ساڻيهه جا سينگار ) ۽ عوامي مقبول پروگرام (ڪچهري ) ڪندو هو علڻ فقير جيڪو پهريو ڪلام ريڊيو پاڪستان تي رڪارڊ ڪرايو هو تنهن جا ٻول هئا ( آئون مارن لاءِ ماندي ،مارو مون لاءِ ماندا ) ريڊيو کان علاوه علڻ فقير ٽي_ وي  تي به خوب ڳايو ٽيليويزن پاڪستان تي کيس ان زماني ۾ عبدالڪريم بلوچ صا حب وٺي وڃي اتي پهريون ڪلام رڪارڊ ڪرايو ، جيڪو  علڻ فقير ڳايو هو .

.علڻ فقير جي مقبوليت صرف سنڌي ڪلام نه هئا بلڪه سنڌي کان علاوه سرائڪي اردو پنجابي زبانن ۾ پڻ ڳائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيندو هو .سندس لباس ،ڳائڻ ، هلڻ نج سنڌي ثقافت جو نمونو سمجهو ويندو هو .علڻ فقير ريڊيو ، ٽي _وي ، اسٽيج کانسواءِ سنڌي فلم ( طوفان) منجهه نغما پڻ ڳايا. هي لوڪ فنڪار علڻ فقير 68 سال 6 مهنيا جي عمر ۾اڱاري ڏينهن 4 جولاءِ 2000ع تي لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوءِ سوال ته ٿيندو…!

شفيق الرحمان شاڪر اڄ کان اٽڪل 22 سال پهرين عمران خان هڪ سياسي پارٽي قائم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے