22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

اليڪشن کانپوءِ طاقت جو سرچشمو ڀوتار هوندا

شبير  سوڍڙو

هي اليڪشن اهڙا نتيجا ڏيندي، اهو ڪنهن سوچيو به نه هوندو، اسان کي عوام مان اها ئي اميد آهي ته ڪنهن نواڻ کي ميدان ۾ آڻيون ۽ اسيمبلين ۾ اچي انهن جا پنج سال به ڏسون ۽ گذري ويل ڀوتارن جا 10 سال به ڏسون ۽ پوءِ ڀيٽ ڪيون ته عوام جا مسئلا ۽ ضرورتون ڪنهن ڪيتريون پوريون ڪيون، ان جو اڳواٽ حساب ڪتاب  اسان نه ٿا  ٻڌائي سگهون، اڄ ڪالهه ميڊيائون تيز ترين آهن،  اڳيان پويان حساب ڪتاب سڀني جا پرنٽ ۽ اليڪٽرڪ ميڊيا تي ڇپجي ڇڪا آهن ۽ ڇپيل آهن. اسان ايئن  ڪنهن جي پويان ڇيلڙا ٿي نه لڳون ته بهتر آهي، اهو وقت ويو، جنهن وقت داٻا ۽ دهمان سمجهي، وڏيرو يا ڀوتار، پير، امير، فقير يا ڪو ٻيو بيوس، لاچار سمجهي ووٽ وٺندا هئا، هينئر دنيا آسمان تي ٺهي چڪي آهن ۽ اتي انسانن رهڻ شروع ڪيو آهي ته پوءِ هيٺين ڀوتارن کان هينئر ڊڄڻ جو وقت ذهن مان ڪڍي ڇڏيون ته بهتر ٿيندو، ڇو ته سنڌ جا ماڻهو پوين 10 سالن مان جيڪو سبق، مشق ۽ ڀوتارن جي تور تڪ  ۽ انهن جي اڳيان پويان ڊوڙي ڊوڙي ڌوڙ ۾ پنهنجو چهرو اڇو ڪري کٽرائي کين اسيمبلين ۾ ويهاريو ۽ انهن جيڪو ڏنو ۽ ورتو ان جو به حساب ڪتاب سامهون آهي ته پوءِ ئي اهڙو فيصلو ڪرڻ گهرجي ته اسان کي هينئر جي دور ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي.

ڪنهن جا ميڊيا تائين ۽ اخبارن ۾ ڇاپيل منشورن ۽ ٽال مٽولن جا  اڳ وارن منشورن ڏانهن نظر ڦيرائجي ته سڀ منشور فراڊن سان ڀريل نظر اچي رهيا آهن، هي عوام کي بيوقوفي جي دنيا ڏانهن گهلڻ جو وقت نه آهي،  پهرين منشور ۾ طاقت جو سرچشمو عوام هئو ته ان مان طاقت نڪري وئي آهي صرف عوام ئي بچيو آهي، جنهن کي توهان صرف آڱوٺي ڇاپ سمجهي ووٽ وٺي اسيمبلين تائين  پهچو ۽ مال ميڙڻ ۾ مصروف رهو ته پوءِ طاقت جو سرچشمو ڪيڏانهن ويو ۽ ويندو.؟! اهي ليڊر ئي نه رهيا، جمهوريت نه رهي، هنيئر عوام کي اڪيلو سمجهيو ويو آهي ۽ هينئر ”هيوي ويٽ“ ڀوتار ڪروڙن جي گاڏين ۾ ۽ عوام اهوئي ڪچن روڊن تي سندن پويان لڳل، پر هينئر شايد وقت وڏو بادشاهه آهي  جو عوام  پڇڻ جي همت ڪري کين سامهون سوالن جا جواب ڏئي ها يا نه ۾ جواب ڏيڻ جي سگهه رکي ٿو. هنن جي نعري ۾ کڻي طاقت جو سرچشمو عوام نه آهي پر هينئر عوام پاڻ طاقت بڻجي چڪو آهي.

اسان جمهوريت ۾ ڪنهن به ڀوتار جي تذليل ناهي ڪئي پر اسان جي ووٽن جون تذليلون ٿيون آهن، جنهن جي ميڊيا رڪارڊ آهي، هرو ڀرو نون منشورن ۽ مشقن سان ڏٻري عوام جي سڪل رڳن ۾ هٿرادو ساهه نه ڀريو، پنهنجي اندر ۾ ڏسو يا اهو مڃيو ته اسان  جا اڳيان 10 سال پنهنجي پيٽ ڀرڻ  لاءِ هئا، توهان سان جيڪي ٿيو ان جي معافي لائق ته نه آهيون پر پوءِ به غريب عوام وٽ وڏي دل آهي، ٿي سگهي ٿو معاف به ڪري ۽ توهان جي نئين منشور کي سمجهي شايد پوءِ ئي ووٽ ڏئي سگهي ٿي،اڳيان منشور توهان کان هلي نه سگهيا ته هينئر هن نئين منشور کي ڪٿان هلائي سگهندا، توهان عوامي  اڳواڻ ته آهيو پر ان کي هلائڻ واري ٻي ڏائڻ آهي، جنهن اڳ ۾ ئي عوام جا گوڏا  چٽي منڊو ڪري ڇڏيو.

مان اڳ ۾ لکي چڪو آهيان ته لياري ڪنهن دور ۾ اسان کي پناهه ۾ رکيو، جنهن دور ۾ نسلي فساد شروع ٿيا هئا، ائين نه آهي ته لياري سان واقفيت ناهي، بلڪل ايئن آهي جيئن ڪنب، ننگريجا، بوزردار وڏا، ٺري ميرواهه، راڻي پور، گمبٽ، سوڀويرو، ڪوٽ بنگلو، خيرپور ميرس جي تمام تعلقن سان تعلق آهي، ايئن لياري سان تعلق رهيو آهي، لياري ڪراچي جو وڏو ۾ وڏو علائقو آهي،  اها ٻي ڳالهه آهي ته وقت جي ڊڪٽيٽرن نسلي ۽ تعصبي مخلوق کي فائدي پهچائڻ خاطر ننڍيون تڪ بنديون ٺاهي، لياري جي عوام جي طاقت ۽ سندن رڳن ۾ نشي جون سيون ڀري هٿيار هٿ ۾ ڏئي ”گينگ وار“ بڻايو پر قدر جو اٽل فيصلو سندن صفن ۾  جيڪي دهشت جا بادشاهه هئا ، هينئر انهن جو سج لهي ويو آهي ۽ اڃا به لهندو.

بهرحال لياري بيشڪ، پ پ جو ڳڙهه هئو پر وقت جي تيز رفتاري کان اڳ جيڪڏهن لياري کي ”گينگ وار“ جو درجو نه ڏنو وڃي ها ته بهتر هو، لياري جا تمام علائقا مولا مدد، سنگو لائين، چاڪيواڙا، هڪ، ٻه، چيل چوڪ، اٺ چوڪ، آگرا تاج، کڏا مارڪيٽ، ليمارڪيٽ، کارادر، مٺا در، پاڪ ڪالوني، نوان لائين، رنڇوڙ لائين، ڪلاڪوٽ سميت ڪيترائي علائقا  ڪو ٻڌائي  ته لياري جا ڪهڙا مسئلا حل ٿيا ۽ ڪرايا ويا، اتان به ڀوتارن جي ڀوتاري شروع ٿئي ٿئي ۽ هينيئر شايد به ختم به ٿي وئي هجي اها  اتان جي عوام تي آهي ته ڪهڙي ٿو چونڊ ڪري، پر مون جيڪي لياري  ۽ لياري واسين سان گذاريو، پاڻي، سيوريج سسٽم، بجلي، صفائي سٿرائي لياري ۾  ٿيندي نظر نه آئي، جٿي ڪٿي ڪچرن جا ڍير، صحت، صفائي، تعليم روزگار لياري واسين کي ملڻ گهرجي ها اهو نه ملي سگهيو  ٻيو وري مٿان نام نهاد تعصب پرست ٽولو جيڪو اڪثريت سان هميشه ڪراچي تي راڄ ڪندو رهيو ۽ اڃا به ڪري پيو،

مٿان وري ڄٻ ميئر به تعصبي ته پوءِ لياري کي  ڇا حاصل ٿيو هوندو، لياري ٽائون  جا والي وارث به ڀوتار ته ان هوندي کين روزگار ۽ ٻيا ترقياتي ڪم ٿيندي ڏنا،  لياري ٽائون ڪميٽي لياري کي ڇا ڏنو،  ڪنهن ۾ اها ٿوم نه  هئي جو لياري ۾ ڪو ليئڙو پائي آيو هجي، هر ڪنهن کي پنهنجي زندگيءَ جي ڊپ کان  لياري مان ڄڻ ليئڙو پائيندي به خوف پئي محسوس ڪيو، هينئر تڙ تڪڙ ۾ ڊوڙون شروع آهن، جنهن جو حساب عوام جنهن انداز سان وٺي رهيو آهي، ان مان ڪجهه سمجهڻ جي ضرورت آهي، جيڪو  لياري سان حشر نشر ٿيو اهو ان جو جواب شڪر ٿيو رومال ۾ ويڙهيل سامهون آيو آهي.

هينئر ڀوتارن جا چڪر لياري مان لڳي رهيا آهن، بيشڪ لڳائين  پر کين  ايترو لياري وارن کي هٿ ادب جا ٻڌي جرئت ڪئي ته اسان انتهائي شرمندا آهيون ته اڳ ۾ لياري کي ڪجهه نه ڏنو، هينئر جيئن توهان چوندا ايئن ئي ٿيندو، اهو به لکت ۾  جيئن توهان پنهنجي اميدوارن کي حلفيا فارم تي قسم وٺي  رهيا آهيو ايئن ئي لياري واري ۾ به حلفيا فارم ورهايو ته ڪجهه ٿالهي ۾ ٻه ٽي داڻا پئجي سگهجن ٿا، باقي لياري هينئر شايد ٿي سگهي ٿو  ٻين جي هٿن ۾ هلي نه وڃي، لياري مان هينئر ڀوتارن کي جيڪا موٽ  ملي رهي آهي ۽ ملندي، لياري واسين ڪچرو، پٿر ۽ ڀتر ته ضرور هنيا ان مان مراد ڇا آهي، سبق اڃا به نه سکيو ته لياري واسي ٿي سگهي ٿو سڀاڻي ٻيو ڪو فيصلو ڪري سگهن ٿا، ايئن ڪنهن ٻئي جو قلعو بڻجي وڃي. بيشڪ لياري ۾ امن ٿيو، اهو ڪريدٽ توهان ڏانهن نه ٿو وڃي پر اهو ڪريڊٽ ميان نواز شريف ڏانهن به وڃي ٿو، ڦرلٽ ۽ قتل عام جي  بازار ڪجهه شرپسندن جي ڪري لياري کي “گينگ وار“ جو درجو ڏنو انهن جو هينئر گهڻي ڀاڱي خاتمو ضرور ٿيو آهي پر ان جي بدلي لياري وارن کي ڪجهه به نه ڏنو ويو، اها شڪايت  ميان نواز شريف کان وٺي سنڌ جو وهنوار هلائيندڙ ڀوتارن کي ڪئي وئي هئي، لياري ۾ صحت، تعليم، روزگار، روڊ رستن، گهر گهر پاڻي جي پهچ، سيوريج سسٽم جي بحالي جي هينئر سخت ضرورت آهي، جيڪڏهن روزگار ملندو ته اتان ڦرلٽ وارو ڌنڌو ختم ٿي ويندو. پوءِ سمجهي سگهجي ٿو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي پر هينئر اسان کي ڀوتار ئي طاقتور سرچشمو لڳي رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے