20 خميس , سيپٽمبر 2018

اين آر او ڪيس: زرداري ۽ مشرف جي پرڏيهي اثاثن جا تفصيل طلب

NRO Case: Ask details of Zardari and foreign assets اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اين آر او ڪيس ۾ آصف علي زرداري ۽ پرويز مشرف جي پرڏيهي اثاثن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ اين آر او بابت درخواست داخل ڪئي وئي هئي جنهن ۾ درخواست گذار موقف اختيار ڪيو هو ته اين آر او  سبب ملڪ جي  اربين رپين جو نقصان ٿيو انڪري قانون ٺاهيندڙن کان نقصان جي رقم وصول ڪئي وڃي. عدالت ۾ درخواست گذار تي شروعاتي ٻڌڻي بعد 24 اپريل تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پرويز مشرف کي نوٽيس جاري ڪيا هئا جڏهن ته آصف زرداري ۽ ٻين سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجو جواب پڻ جمع ڪرائي ڇڏيو هو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ اين آر او مان فائدو حاصل ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ اثارني جنرل سميت آصف علي زرداري جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ پيش ٿيا.  عدالت ٻڌڻي شروع ٿيندي ئي پرويز مشرف ۽ آصف علي زرداري جي پرڏيهي اثاثن جا تفصيل طلب ڪيا جڏهن ته اڳوڻي اٽارني جنرل ملڪ قيوم کي  به اثاثن جا تفصيل ڏيڻ جو چيو ويو آهي. عدالت حڪم ڏنو آهي ته سموريون ڌريون پنهنجا ۽ پنهنجي  اولاد  جا پرڏيهه ۾ غيرملڪي اڪائونٽ ۽ ملڪيت ظاهر ڪن، ۽ سموريون ڌريون پنهنجو حلفي بيان پڻ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائين.چيف جسٽس سوال ڪيو ته ملڪ قيوم ۽ آصف علي زرداري جي طرفان ڪڏهن جواب ايندو؟ جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ ٻڌايو ته آصف علي زرداريءَ جي طرفان جواب اچي ويو آهي. جسٽس ثاقب نثار چيو ته توهان کي ملڪيت ۽ پرڏيهي اڪائونٽ ظاهر ڪرڻا آهن، توهان جا ٻاهر ڪي به اثاثا ناهن ان تي سپريم ڪورٽ کي اعتماد ۾ وٺو. چيف جسٽس فاورق ايڇ نائيڪ کان سوال ڪيو ته سپريم ڪورٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ ۾ ڪهڙو مسئلو آهي؟ عدالت کي ٻڌايو پاڪستان کان ٻاهر توهان جي ۽ توهان جي اولاد جي ڪا ملڪيت آهي يا نه، توهان واعدو ڪيو هو، هاڻ ڪجهه ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.ان تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته جيتري قدر آصف علي زرداري جو تعلق آهي، اسان سندس نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن، منهنجو اصيل آصف زرداري 8 ڪيسن ۾ باعزت بري ٿيو. جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪي وڏا اهو سمجهن ٿا ته هو پڪڙجي نٿا سگهندا، انهن کي ڳولهي لهنداسين،  تقريبن هڪ هزار ماڻهو آهن انهن کان تفصيل وٺنداسين، حلفي بيان ڏيو ته پاڪستان کان ٻاهر ڪو به اڪائونٽ ناهي.  جسٽس ثاقب نثار  چيو ته اسان کي ڊيم ٺاهڻا آهن ۽ وڏا ڪم ڪرڻا آهن، اسان کي ڪرپشن ختم ڪرڻي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: For the first time the existence of ISIL has been admitted: Abdul Khaliq Ali

امامِ عالي مقام جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي ضرورت آهي: آصف زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته حضرت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے