17 اڱارو , جولاءِ 2018

شگر جا مريض  ماني کائن يا چانور؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شگر جي ٻنهي قسمن ۾ رت ۾ شگر جي سطح کي نارمل رکڻ لاءِ سڀ کان اهم شيون غذائي احتياط آهن جنهن جي بغير شگر تي ڪنٽرول ڪرڻ ممڪن ناهي. پر صغير ۾ شگر جو مرض تيزي سان پکڙجي رهيو آهي ۽ مريضن کان جيڪو سوال سڀ کان وڌيڪ پڇو ويندو آهي، اهو هي ته هو ڪهڙي غذا کائي سگهن ٿا چانور يا ماني  هي شگر کي ڪنٽرول ڪرڻ جا لازمي غذا آهن ان لاءِ شگر جا مريض سدائين چانور يا ماني ۾ ڪنهن کي چونڊ  ڪرڻ لاءِ پريشان هوندا آهن. شگر  جي مريضن لاءِ چانور ۽ ماني ڪهڙي شئي فائدي مند ٿي سگهي ٿي. هن سوال تي جاچ ڪرڻ وارن ماهرن جو چوڻ آهي ته شگر جي مريضن لاءِ ڪنهن به غذا کي چونڊ ۾ سڀ کان اهم شئي ان غذا جو گلائسيمڪ انڊيڪس( Glycemic Index ) هوندو آهي هي اهو پيمانو آهي جنهن جي مددد سان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته ڪنهن به غذا ۾ شامل ڪاربوهائيڊريٽس ڪنهن حد تائين کنڊ( شگر) ۾ تبديل ٿين جي صلاحيت رکي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪنهن غذا جو گلائسيمڪ انڊيڪس جيڪڏهن 55 کان گهٽ هجي ته هو رت ۾ شوگر جي گهٽ مقدار شامل ڪري ٿي  جڏهن ته 70 کان وڌيڪ گلائسيمڪ انڊيسڪ واري شئين شگر جي وڌيڪ مقدار رت ۾ شامل ڪري ٿي، چانور جو گلائسيمڪ انديڪس 73 آهي جيڪو خطرناڪ حد تائين بلند آهي. جڏهن ته چڪي جي اٽي مان ٺهيل ماني جو گلائسيمڪ انڊيڪس 52 آهي. اهڙي طرح چانور جي مقابلي ۾ گندم جي اٽي سان ٺهيل ماني جو استعمال  شگر  جي مريضن لاءِ فائدي مند ثابت ٿي سگهي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته بهوسي ٻڌل اٽي (Barn Flour) سان پڪل چپاتي، شگر جي مريضن لاءِ وڌيڪ فائدي مند آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Eating a orange daily and eye-eyeed 'eye disease' of the eye is safe

روزانو  هڪ نارنگي کائو ۽ اکين جي ”ميڪيولر ڊي جنريشن“ بيماري کان محفوظ  رهو

سڊني(ويب ڊيسڪ) هڪ تازي تحقيق ۾ موجب باقائدگي سان نارنگي واپرائيندڙ ماڻهو اڳتي هلي اکين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے