21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ڪراچيءَ ۾ بوندا باندي، موسم خوشگوار ٿي وئي

On the rain in Karachi, the weather was pleasantڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني ۾ بوندا باندي جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي. ڪراچي ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان موسم جهڙالي هئي جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ بوندا باندي ۽ هلڪي برسات جو سلسلو پڻ جاري آهي، سامونڊي پاسي کان هلندڙ هوائن موسم کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي. ڪراچيءَ ۾ اڄ ڪافي خوشگوار موسم رهڻ جو امڪان آهي، شهري موسم جو مزو  وٺڻ لاءِ سمنڊ جو رخ ڪيو آهي. موسميات واري کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچيءَ ۾ اڄ به آسمان جهڙ جي لپيٽ ۾ رهندو. سنڌ جي راڄڌاني ۾ اڄ ڏينهن جو 15 کان 35 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سامونڊي هوائون لڳنديون،  اڄ شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 35 سينٽي ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے