21 جمعو , سيپٽمبر 2018

لاهور ۾ برسات : مختلف واقعن ۾ 13 ڄڻا فوت،ڪيترائي زخمي

 Rainfall in Lahore: In many incidents, 13 people died, many injuredلاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ طوفاني برسات 13 حياتيون وڃائي ڇڏيون آهن. ليسڪو جي خراب نظام سبب ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڇتون ۽ ديوارون ڪرڻ سبب پيءُ پٽ سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن، مختلف حادثن ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ 13 ٿي ويو آهي.لاهور ۾ ٿيندڙ برسات شهرين لاءِ زحمت بڻجي وئي آهي. مختلف واقعن ۾ 13 ڄڻا فوت ۽ 25 زخمي ٿي پيا آهن. مختلف علائقن ۾ شاهزيب، امانت، اڪبر، غلام عباس، محمد عدنان، اشتياق سميت 9 ڄڻا ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيا آهن. سيد مٺا اسٽاپ وٽ ڇت ڪرڻ سبب 24 ورهين جو عمر ۽ 32 ورهين جو عباس، پي آءِ اي سوسائٽي ۾ 50 ورهين جو عبدالله ۽ ان جو 70 ورهين جو پٽ فيصل فوت ٿي ويا آهن.مختلف روڊن رستن ۽ گهٽين ۾ برسات جو پاڻي بيهڻ سبب رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے