21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نواز شريف جو گوڙ ناڪام رهيو، فيصلي جو وقت اچي ويو آهي: شيخ رشيد

The decision which he wanted to make a NCP politics became his political death: Sheikh Rashidاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف ناڪام گوڙ ڪيو، ڪرپشن جي چيلهه ڀڃڻ جو وقت ويجهو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو محفوظ ٿيڻ جي حوالي سان خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڪيو. شيخ رشيد چيو ته فيصلي جو وقت اچي ويو آهي، قطري خط کانسواءِ شريف خاندان ڪجهه به پيش نه ڪري سگهيو، نواز شريف جيڪو به گوڙ ڪيو، ان ۾ ناڪام رهيو. پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب کي موقف پيش لاءِ ڀرپور موقعو ڏنو ويو، کين چيو ويو شاهديون آهن ته پيش ڪيو، شريف خاندان پنهنجو موقف ۽ پڪيون شاهديون به عدالت ۾ پيش نه ڪري سگهيو. واضح رهي ته احتساب عدالت نواز شريف ۽ سندس ٻارن خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، جيڪو 6 جولاءِ تي ٻڌايو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے