20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڪينگروز زمبابوي کي شڪست ڏئي عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو

هراري (اسپورٽس نيوز) ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽين ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم زمبابوي کي 100 رنسن تان شڪست ڏئي ڪيترائي رڪارڊ جوڙي ورتا. هراري اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ کيڏيل ميچ ۾ ميزبان ٽيم جي ڪپتان هيملٽن مساڪڊزا ٽاس کٽڻ کانپوءِ ڪينگرو ٽيم کي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جي دعوت ڏني، جيڪو فيصلو غلط ثابت ٿيو. آسٽريلوي ڪپتان ايرون فنچ ۽ ڊارسي شارٽ اننگز جي شروعات ڪئي ته شروع ۾ ئي جارحاڻي انداز اختيار ڪندي گرائونڊ جي چئني پاسن کان دلڪش اسٽروڪ کيڏيا. آسٽريلوي اوپنرن پاور پلي ۾ 75 رنسن جي ڀائيواري جوڙي، جنهن ۾ ڪپتان فنچ جي تيز رفتار 22 بالن تي ففٽي پڻ شامل هئي. فنچ ۽ شارٽ زمبابوي جي بالرن کي ڪٽڪو جاري رکيو ۽ ٻئي بيٽسمين آخري اوور ۾ آئوٽ ٿيا، جنهن سان گڏوگڏ ٻنهي بيٽسمينن ٽي ٽوئنٽي تاريخ جي سڀ کان وڏي 223 رنسن جي رڪارڊ اوپننگ ڀائيواري قائم ڪئي. ڊارسي شارٽ 46 رنسون ٺاهي وڪيٽ پٺيان ڪيچ آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ايرون فنچ ٻاهر ويندڙ بال تي شارٽ هڻندي وڪيٽ سان ٽڪرائجي هٽ آئوٽ ٿي ويو، زمبابوي طرفان ٻئي وڪيٽون بليسنگ مزرباني حاصل ڪيون.  فنچ پنهنجي اننگز ۾  10 ڇڪن ۽ 16 چوڪن جي مدد سان 76 بالن تي 172 رنسون اسڪور ڪيون، جنهن سان گڏوگڏ هو ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ سڀ کان وڏي انفرادي اننگز ٺاهيندڙ ٻيو بيٽسمين بڻجي ويو. ان فهرست ۾ ويسٽ انڊيز جو ڪرس گيل 175 رنسن تان پهرين نمبر تي موجود آهي. آسٽريلوي ٽيم مقرر اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 229 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ زمبابوي جي ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي 129 رنسون ٺاهي سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے