21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نواز شريف  مون سان بي وفائي نه پر دشمني ڪئي آهي: چوڌري نثار

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي باغي اڳواڻ چوڌري نثار چيو آهي ته نواز شريف مون سان بي وفائي نه پر دشمني ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نواز شريف سان 34 سال وفاداري نڀائي. اڳوڻي گهرو وزير جو چوڻ هو ته ان علائقي جي لاءِ هڪ هڪ سِرَ رکي، نواز شريف پنهنجي تڪ ۾ ترقياتي ڪم ڇو ناهي ڪيو، جيڪو پيسو مون پنهنجي تڪ ۾ لڳايو، اهو ملڪ جو آهي، ن ليگ جو ناهي. چوڌري نثار دعويٰ ڪئي ته نواز شريف کي ليڊر بڻائڻ ۾ منهنجو به ڪردار آهي، منهنجي تڪ جا ماڻهو نواز شريف کي جواب ڏيندا. منهنجو تڪ پنهنجي ضمير موجب ووٽ ڏيندو آهي. هن چيو ته پنجن سالن ۾ 17 ارب رپيا پنهنجي تڪ ۾ لڳايا، جيڪو پيسو مون پنهنجي تڪ ۾ لڳايو اُهو ملڪ جو آهي ن ليگ جو ناهي. هن مسلم ليگ ن تي تنقيد ڪندي چيو ته مسلم ليگ ن به ڪهڙي پارٽي آهي، شهباز شريف چوي ٿو ته قومي حڪومت بڻائيندس، ليگي ترجمان چوي ٿو ته قومي حڪومت بڻائڻ جو شهباز کي ڪنهن حق ڏنو. چوڌري نثار چيو ته مون پنهنجي نه پر نواز شريف جي باري ۾ سوچيو، هڪ ٻئي جو تماشو بڻائي ملڪ کي پيش آيل خطرن جو مقابلو ڪندا، آئون نه پهرين وڪامجس نه هاڻ وڪامجندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے