23 آچر , سيپٽمبر 2018

آرمي چيف سان آمريڪي نائب پرڏيهي وزير سان ملاقات، گڏيل سهڪار تي ڳالهيون

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف سان آمريڪي نائب پرڏيهي وزير ايلس ويلز ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي، علائقائي سيڪيورٽي ۽ گڏيل سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آمريڪي نائب پرڏيهي وزير ايلس ويلز دهشتگردي جي خلاف جاري جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين کي ساراهيو. آمريڪي نائب پرڏيهي وزير ايلس ويلز چيو ته دهشتگردي جي خلاف پاڪ فوج ۽ عوام جون قربانيون فخر جوڳيون آهن، دهشتگردي جي خلاف پاڪستاني قوم جرئت جو مظاهرو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ علائقائي امن ۽ مضبوطي جي لاءِ سهڪار جي عزم جو اظهار ڪيو، ملاقات ۾ مختلف سطح تي رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے