24 سومر , سيپٽمبر 2018

چونڊن ۾ جي ميدان ۾ لٿل 60 کان وڌيڪ سياستدان 2-2 زالن وارا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ مان عام چونڊ 2018ع ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ 60 کان وڌيڪ سياستدانن نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ هڪ کان وڌيڪ زالن جو اعتراف ڪيو آهي. تفصيل موجب عام چونڊ 2018ع ۾ جمع ڪرايل نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ ڪيترن ئي سياستدانن پنهنجي ٻن ٻن شادين جو اعتراف ڪيو آهي. نامزدگي وارن ڪاغذن موجب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ميان شهباز شريف، اڳوڻي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه، تحريڪ انصاف جي مرڪزي ترجمان فواد احمد چوڌري، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار، اڳوڻي وفاقي وزير رياض حسين پيرزادي، اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم، اڳوڻي ايم اي اي حمزه شهباز، ڊپٽي ميئر ڪراچي ارشد وهرا، اڳوڻي مملڪتي وزير پير امين الحسنات ۽ قيصر محمود شيخ جون ٻه ٻه زالون آهن. ٻئي پاسي احمد شاهه کگا، راڻا مبشر اقبال، ناصر اقبال بوسال، آصف حسين، اشرف آصف، عارف خان سنڌيلو، سردار عرفان ڊوگر، زبير ڪاردار، اڳوڻي ايم پي اي عظميٰ بخاري جي مڙس سميع الله خان، جمشيد اقبال چيما، اسلم کڇيلا، عابد رضا، ثناءُ الله خان مستي خيل، شير افضل خان، ڊاڪٽر سعيد الاهي، ڄام مهتاب حسين، خالد احمد لنڊڪي، سيد سورج شاهه، عبدالستار جاپاني، سردار حر بخاري، لطيف سراءِ، چوڌري محمد اشرف جڏهن ته محمد ابو بڪر، اجمد نعيم، قادر بخش مگسي  جون ٽي ٽي زالون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے