23 آچر , سيپٽمبر 2018

نگران وفاقي وزيرن جي اثاثن جي تفصيل به سامهون اچي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نگران وزير اعظم ۽ وڏن وزيرن کان پوءِ وفقي وزيرن جي اثاثن جي تفصيل به سامهون اچي وئي. دستاويزن موجب نگران پرڏيهي وزير عبدالله حسين هارون جو بينڪ بيلنس 48 لک رپين کان وڌيڪ آهي، هن ڪراچي جو گهر خانداني وراثت طور ظاهر ڪيو آهي جڏهن ته 25 ايڪڙ زمين جيمس آباد ڪراچي ۾ به سندس ملڪيت ۾ شامل آهي. حسين هارون 17 لک جي سيڙپڪاري، 50 تولا سون، 90 لک جو لينڊ ڪروزر ۽ 28 لک جي مرسڊيز به دستاويزن ۾ ظاهر ڪئي آهي. نگران قانون واري وزير سيد علي ظفر 28 ڪروڙ 38 لک 6 هزار 22 رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي، سندس بينڪ بيلنس 11 ڪروڙ 15 لک 34 هزار 679 رپيا آهي جڏهن ته هو هڪ ڪروڙ 95 لک 49 هزار 499 رپين جي گاڏين جو به مالڪ آهي. دستاويزن موجب علي ظفر وٽ دبئي ۾ 3 اپارٽمنٽ، لنڊن ڊبليو ٽو ۾ گهر ۽ برمنگهم ۾ به گهر آهي جڏهن ته اُها پراپرٽي مورگيج جي نالي تي 3 ڪروڙ 10 لک 26 هزار 250 جي قرضي آهي. ان کان سواءِ علي ظفر جي گهرواري 1 ڪروڙ 59 لک 60 هزار کان وڌيڪ اثاثن جي مالڪ آهي ۽ هن وٽ 150 تولا سون به آهي. ان کان سواءِ نگران ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر 4 ڪروڙ 4 لک 4 هزار 746 رپين جي مالڪ آهي، سندس نالو اسلام آباد ۾ 3 ۽ ڪراچي ۾ هڪ گهر آهي جڏهن ته ملڪيت جي ڪل ماليت 28 لک کان وڌيڪ ظاهر ڪئي وئي آهي. نگران ناڻي واري وفاقي وزير وٽ 2 ڪروڙ 77 لک جا سيونگ سرٽيفڪيٽس آهن، هن جي پي ايس او ۽ هڪ خانگي بينڪ ۾ 22 لک کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري آهي جڏهن ته سندس بينڪ اڪائونٽ ۾ 72 لک ۽ سون جي ماليت 2 لک رپيا آهي. نگران گهرو وزير اعظم خان 1 ڪروڙ 45 لک 29 هزار کان وڌيڪ جي اثاثن جو مالڪ آهي، هن جو پشاور ۾ هڪ گهر ۽ ٻه پلاٽن جي ماليت 65 لک رپيا ظاهر ڪئي وئي آهي جڏهن ته هو چارسده شگر مل، پريميئر شگر مل مردان ۽ پريميئر بورڊ مل مردان ۾ حصيدار آهي. اعظم جي گهرواري پروين اعظم جي نالي تي هڪ ڪنال رهائشي پلاٽ آهي جنهن جي ماليت 30 لک رپيا آهي، ساڍا 6 لک ماليت جو سون به اعظم خان جي گهرواري جي ملڪيت ۾ شامل آهي جڏهن ته اعظم خان ۽ سندس گهرواري جي بينڪ اڪائونٽ ۾ ڪل رقم 43 لک رپيا موجود آهي جڏهن ته نگران تعليم وارو وزير محمد يوسف شيخ 2 ڪروڙ 34 لک 69 هزار 701 رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي، سندس بينڪ بيلينس 51 لک 37 هزار 801 رپيا آهي جڏهن ته يوسف شيخ جو ڪراچي ۾ هڪ گهر ۽ دادو ۾ به پلاٽ آهي. يوسف شيخ لاڙڪاڻي ۽ ٺٽي ۾ زرعي زمين جو مالڪ آهي جڏهن ته سندس ملڪيت جي ڪل ماليت 1 ڪروڙ 83 لک کان وڌيڪ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Prime Minister will be present on the new constitutional system

وزيراعظم اڄ لاهور پهچندو، نئين بلدياتي نظام تي بريفنگ وٺندو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان اڄ منجهند لاهور پهچندو ۽ نئين مڪاني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے