20 خميس , سيپٽمبر 2018

ٻن پراڻين پارٽين جي زوال سان نئين پاڪستان جو اشارو ملي ويو آهي: شاهه محمود قريشي

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي نائب چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان بيٽ جي هوا هلي پئي آهي، ٽڪيٽن جي واپسي کانپوءِ ن ليگ جو زوال شروع ٿي ويو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جي موقف ۾ تضاد آهي، ماڻهو مختلف سببن جي ڪري ن ليگ کان ڌار ٿي رهيا آهن، ٽڪيٽن جي واپسيءَ سان ن ليگ جو زوال شروع ٿي ويو آهي، پ پ جو به پنجاب ۾ زوال عروج تي آهي. هن چيو ته ٻن پراڻين پارٽين جي زوال سان نئين پاڪستان جو اشارو ملي ويو آهي، ن ليگ نظرياتي طور ٻن حصن ۾ ورهائجي چڪي آهي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنو، هيءَ ذاتي نه پر نظرياتي جنگ آهي، عمران خان جي جدوجهد منزل تي پهچڻ واري آهي، سڀني کي اهو چوندس ته ڪاوڙ ڇڏي عمران خان جو ساٿ ڏيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے