22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

وڌندڙ آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڌرين کي خاڪو بڻائي پيش ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڌرين کي خاڪو بڻائي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.  سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته  ملڪ ۾ آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي، اسان ڪهڙي چڪر ۾ ڦاسي ويا آهيون ته گهٽ ٻار پيدا ڪرڻ اسلام خلاف آهي، ڇا ملڪ ان قابل آهي ته هڪ گهر ۾ 7 ٻار پيدا ٿين، ڇا ملڪ ۾ ايترا وسيلا آهن، ان حوالي سان عوامي آگاهي مهم بلڪل ٻڙي آهي. جسٽس ثاقب نثار چيو ته ملڪ ۾ آبادي جي شرح ۾ اضافي بم آهي، چين آبادي تي ڪنٽرول ڪيو آهي،  وفاقي سرڪار آبادي تي ضابطي لاءِ هن وقت تائين ڪيترو پئسو استعمال ڪيو آهي، ايوب خان جي دور ۾ به آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي پاليسي هئي. چيف جسٽس ڊپٽي سيڪريٽري صحت پنجاب کان پڇاڻو ڪيو ته پنجاب حڪومت ٻڌائي ته فلاحي مرڪز هلائڻ لاءِ ڪيتري بجيٽ آهي، ان تي ڊپٽي سيڪريٽري ٻڌايو ته 1 ڏهائي 459 ملين رپيه ساليانو ملندا آهن، 3 ڏهائي 6 ملين رپيه پي ايس ڊي پي سان ملندا آهن. جسٽس ثاقب نثار چيو ته ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارن لاءِ پاڻي ۽ خوراڪ جهڙا وسيلا نه آهن، پيدا ٿيندڙ ٻارڙن کي خوراڪ ۽ پاڻي نه ملندا. ان موقعي تي ڪي پي جي صحت واري سيڪريٽري چيو ته پاڪستان اڃا تائين آبادي پاليسي جوڙي ئي ناهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان سموري ملڪ لاءِ هڪ جهڙي پاليسي ٺاهي آهي، آبادي جي شرح تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جنگي بنيادن تي قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته آبادي جي حوالي سان معاملو قومي فرض آهي، آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ بابت سمورا منصوبا ڪاغذن جي حد تائين آهن. چيف جسٽس هدايت ڪئي ته ڌريون ان حوالي سان هڪ خاڪو بڻائين ۽ سان کي چيمبر ۾ يا عدالت ۾ پيش ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Weather Department Today's heat-rising predecessors, the beach closed off

موسميات کاتي پاران اڄ کان ڪراچيءَ ۾ گرمي وڌڻ جي اڳڪٿي، سامونڊي هوائون بند

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ۾ سامونڊي هوائن بند هئڻ سبب ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے