22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

پريانڪا چوپڙا کي غيرقانوني اڏاوت تي نوٽيس

Pariyanka notes on illegal constructionممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا کي ممبئي ميونسپل ڪارپوريشن(بي ايم سي) جي طرفان بيوٽي پارلر جي عمارت تي بنا اجازت اضافي فلور ٺاهڻ تي قانوني نوٽيس اُماڻيو ويو. بي ايم سي موجب 5 ڄڻن سميت هڪ ميونسپل ڪارپوريٽر شڪايت ڪئي ته اوشي وارا انڌهيري ايسٽ ۾ قائم هڪ بيوٽي پارلر ” ڪرزما بيوٽس اسپا اينڊ سيلون“ جي عمارت تي هڪ اضافي منزل تعمير ڪئي وئي آهي، جيڪا غيرقانوني آهي.  ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب پارلر جي زمين جي مالڪ اداڪارا پرينڪا چوپڙا آهي، جتي انتظاميا بنا اجازت جي اضافي فلور ٺاهيو آهي.  بي ايم سي شڪايت ملڻ تي جاءِ جي جاچ پڙتال ڪئي ۽ ان سان گڏ ئي آس پاس جي آفيسن کان پڻ معلومات گڏ ڪئي وئي جيڪي پرينڪا چوپڙا فيملي جي اثاثن ۾ شامل آهن. جنهن بعد اداڪارا ۽ سندس فيملي ڏانهن ٻه ، ٻه نوٽيس اُماڻيا ويا آهن جن جو فوري جواب طلب ڪيو ويو آهي. بي ايم سي موجب نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته 2013 ۾ جاري ڪيل زمين جي پلان موجب ئي جاءِ مقرر ڪرڻي پوندي ۽ اضافي تعمير جو  ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي. هوڏانهن پارلر مينجر مينڪ سوني چيو آهي ته هن پرينڪا ۽ سندس امڙ سان معاهدو بعد اها عمارت ڪرائي تي ورتي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistani movie Cake being considered for Oscars awards nomination

پاڪستاني فلم” ڪيڪ“ آسڪر ايواردد لاءِ نامزد

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني فلم ”ڪيڪ“ کي دنيا جي سڀ کان وڏي فلمي ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے