21 جمعو , سيپٽمبر 2018

فلڪيات جي ماهرن سياري جي پيدائش جي پهرين تصوير ڪڍي ورتي

Flatatologists took the first picture of the birth seasonلنڊن(ويب ڊيسڪ) مبارڪ هيجو! گيسي سيارو ٿيو آهي، ۽ مڪمل طور تي تندرست آهي. اهڙي خوشخبري فلڪيات جا ماهر ٻڌائي آهي، فلڪياتي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن سياري جي پيدائش جي سڌي سنئي تصوير ورتي وئي آهي. اهو سيارو اسان جي شمسي نظام ۾ موجود سياري مشتري(جوپيٽر) جهڙو آهي جيڪو گيسو ۾ ۾ ورتل آهي ۽ ان ويجهڙائي ۾ ئي هڪ نارنگي ستاري مان جنم ورتو آهي. اهو سيارو زمين جي منظر کان 370 نوري سال جي فاصلي تي ظاهر ٿيو ۽ ان ستاري جو نالو پي ڊي ايس 70 رکيو ويو آهي. سائنسدانن جي هڪ عرصي کان ان تي نظر هئي ۽ انهن جو خيال هو ته ان جي چوڌاري هڪ نئون سيارو موجود آهي جنهن کي ڏسڻ بعد هاڻ پي ڊي ايس 70 جو ئي نالو ڏنو ويو آهي. سيارا ڇو وجود ۾ ايندا آهن؟ اسان کي سٺي نموني ڄاڻ ناهي پر ان باوجود هڪ خيال اهو به آهي ته اهو ڪنهن چوڌاري، گيس، پٿر۽ مٽي جي گهمندڙ ڊسڪ سان وجود ۾ ايندا آهن. جڏهن ته ثقل جي تحت مادو هڪ جاءِ جمع ٿيڻ شروٿ ٿي ويندو آهي. ماهرن موجب ڪنهن نئين سياري کي ڪيمرا سان ڏسڻ بلڪل ناممڪن هوندو آهي ڇو ته ان جي ويجهو گردوغبار ۽ گيسن جو ڍير سياري کي گم ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ان لاءِ نئين سياري جي اها تصوير ڪنهن شهڪار کان گهٽ ناهي.2012 ۾ پي ڊي ايس 70 جي گيسي ڊسڪ جي وچ ۾ هڪ تمام وڏي خالي جاءِ ڏٺي وئي جنهن تي ميڪس پلانڪ  انسٽيٽوٽ ۽ يورپي ڏکڻ اچ وڃ جي جاءِ  نگاهون ڄمائي رکيون ۽ ڪيترن ورهين جي محنت بعد آخرڪار ماهرن جي محنت رنگ لاتو ۽ هنن هڪ نئين سياري جي تصوير ڪڍي ورتي، ياد رهي ته اتي وڌيڪ سياري ٺهي رهيا آهن. ان جو سج گهٽ روشن ۽ جئين ”اورنج ڊوراف“ جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪو ستارن بابت هڪ خاص فلڪياتي اصلاح پڻ آهي. ماهرن سيارن جي ڳولا لاءِ جوڙيل هڪ خاص آلي ايس پي ايڇ اي آر اي يا اسفيئر ۽ اي ايس او نالي وڏين دوربين جي مدد ورتي آهي. ماهرن جو خيال آهي ته اهو استارو وڌيڪ وڌندو ڇو ته اهو پنهنجي آس پاس چوڌاري مادو جمع ڪري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Facebook announced fake newsletters to watch videos and images

فيسبڪ جعلي خبرن وارين ويڊيوز ۽ تصويرن جي جاچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪيلفورنيا( ويب ڊيسڪ ) فيسبڪ پنهنجي هڪ بلاگ ۾ اعلان ڪيو آهي ته هو جعلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے