21 جمعو , سيپٽمبر 2018

سياست ۾ تشدد ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي

                         ڪنهن سياسي جماعت جي نظريي سان اختلاف ڪرڻ، ان جي ڪارڪردگيءَ تي سوال اٿارڻ،ووٽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ هر ڪنهن جو بنيادي جمهوري حق آهي پر سياسي جماعتن جي ريلين ۽ اڳواڻن جي گڏجاڻين تي پٿراءُ ڪرڻ، تشدد ۽ وڳوڙ واري صورتحال ڪنهن به ريت جمهوري رويو ناهي، بلڪه اهو رويو ۽ اهڙو عمل ڪندڙن طرفان چونڊن کان اڳ ئي شڪست قبولڻ برابر آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ طرفان ٽيون ڏينهن لياريءَ مان پارٽي جي چونڊ مهم شروع ڪرڻ دوران ان تي پيش آيل پٿراءَ واري واقعي کي ڪنهن به ريت صحتمند عمل نه ٿو چئي سگهجي نه ئي وري اطلاعات واري صوبائي وزير جميل يوسف جي واقعي تي رد عمل کي ڪو مثبت يا غيرجانبدار سڏي سگهجي ٿو.

بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ اندر سياست اندر تشدد وارو عنصر اڄ جو ناهي پر ڏهاڪن کان شامل رهيو آهي. دنيا اندر جتي جتي سياست تشدد کان پاڪ آهي، اتي جا معاشرا ايئن افراتفري ۽ بي چينيءَ جي ور چڙهيل ناهن، جيئن اسان جو معاشرو آهي، سوشل ميڊيا تي وڊيوز وائرل ٿيڻ واري لاڙي جتي ڪن مثبت روايتن کي جنم ڏنو آهي اتي ڪي اهڙا ناڪاري لاڙا به جنم وٺي رهيا آهن جيڪي ڪنهن به ريت ملڪ ۽ سماج جي فائدي ۾ ناهن. عوام جيڪڏهن اميدوارن جي رستاروڪ ڪري ٿو، انهن کان پڇي ٿو ته انهن پنجن سالن ۾اوهان ڇا ڪيو آهي جو وري ووٽ وٺڻ لاءِ وٽن آيا آهن؟ ته اهو هڪ مثبت لاڙو آهي جيڪو عوام جو پنهنجي عوامي نمائندن کان هڪ طرح جو احتساب به آهي. جنهن جا سماج تي يقيني طور مثبت اثر پوندا ۽ اڄ جي عوام نمائندن جو عوام طرفان ٿيندڙ حشر ڏسندي ايندڙ نمائندا ساڳي صورتحال کان بچڻ لاءِ عوام کي ڊليور ڪرڻ لاءِ سوچيندا پر ڪنهن اڳواڻ سان، ڪنهن جماعت سان ان جي نظريي سان ۽ منشور سان اختلاف جي صورت ۾ انهن جي تشدد سان رستا روڪ، علائقي ۾ اچڻ نه ڏيڻ واري روش ڪنهن اڳواڻ ڇا پر ڪنهن جي لاءِ به بهتر ناهي، اڄ هڪ علائقي جي ماڻهن ۽ هڪ جماعت يا ڪجهه جماعتن جي پوئلڳن جيڪي ڪجهه هڪ جماعت جي اڳواڻ سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اهڙو ڪجهه باقي جماعتن جا ڪارڪنن ٻين جماعتن جي اڳواڻن سان به ڪندا ته سماج گهرو ويڙهه جي ور چڙهي سگهي ٿو، جنهن سان تشدد بدترين شڪل به اختيار ڪري سگهي ٿو، سو چوڻ جو مطلب ته تشدد نه ته ڪنهن درد جو درمان ٿي سگهي ٿو نه ئي ڪنهن مسئلي جو حل، ڪنهن کي جي ڪنهن کان ڪو اختلاف آهي ڪا شڪايت آهي ته ان جو بدلو وٺڻ جو بهترين ڏينهن ووٽن واري ڏينهن کان ٻيوڪهڙو بهتر ٿي سگهي ٿو؟.

ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته اسان وٽ پيپلز پارٽيءَ سميت جيڪا به پارٽي جڏهن به اقتدار ۾ رهي آهي سا نه ته عوام جي اميدن تي سئو سيڪڙو پورو لهي سگهي آهي نه ئي وري انهن جي ڪارڪردگي به ڪا مطمئن ڪندڙ رهي آهي پر ان حقيقت کان به انڪار ناهي ته هيءَ هڪڙين جماعتن کي هڪڙن اڳواڻن کي هٿ وٺي بدنام ڪرائڻ، ميڊيائي ڪوريج مان بليڪ آئوٽ ڪرائڻ، عوام سان رابطي کان دهشتگردي ٿيڻ يا ڪنهن ٻئي دڙڪي سان پري رکڻ ۽ ٻين کي وري ڪلهي تي چاڙهي ميدان ۾ لاهڻ هر قسم جي سهولت مهيا ڪرڻ، ميڊيا تي موجون ڪرائڻ جي به روايت پراڻي آهي. جنهن جي ڪري عوام ٻڌتر ۾ آهي، نه ته سماج جو ڪو رخ ئي ٿئي ٿو نه ئي ملڪ جو، ڪي سياسي جماعتون جي ڊليور ڪري نه سگهيون آهن ۽ عوام انهن کان ناراض به آهي ته انهن جي احتساب جو آئيڊيل وقت چونڊن وارو ڏينهن آهي.

ٻيو ته اطلاعات واري نگران وزير جيڪو بيان ڏنو آهي سو ڪنهن به صورت ۾ غيرجانبداري واري زمري ۾ نظر نه ٿو اچي، ملڪ اندر هي جيڪي حالتون پيدا ٿيون آهن، سياست ۾ پرتشدد لاڙن جيڪو جنم ورتو آهي، سا اڄ جي ڳالهه ناهي انهن روين کي وڌندي ڏهاڪا ٿيا آهن، سو سماج ۾ هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ هڪ ٻئي جي موقف کي مڃڻ يا نه مڃڻ لاءِ دليل جي هير سياسي ڪارڪنن، سياسي جماعتن ۽ سياسي اڳواڻن ۾ وجهڻ ۾ وقت ته لڳي سگهي ٿو پر اها ڪا ناممڪن ڳالهه نه آهي، بهتر ٿيندو ته انتهاپسندي ۽ اسهپ جي لاڙن کي پاڙون پٽي ڇڏڻ لاءِ سماج ۾ هر ڪنهن کي هڪ جيترا موقعا ۽ ماحول مهيا ڪيو وڃي ۽ نگران وزيرن کي به اهڙن بيانن ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ جي ضرورت آهي جن مان جانبداريءَ بدران سندن غيرجانبداري نظر اچي.

اڱارو 3 جولاءِ 2018ع، 18 شوال 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ – افغان لاڳاپا ۽ علائقي جو امن

افغانستان ۾ روس جي آمد بعد ۽ وري روس جي نيڪاليءَ بعد جيڪا جنگ شروع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے