23 آچر , سيپٽمبر 2018

افغانستان ۾ آمريڪي فوجي قافلي تي حملو، 5 ڄڻا مارجي ويا

Attack on US military convoy in Afghanistan, 5 killedڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي لوگر ۾ آمريڪي فوجي قافلي تي ٿيل ڪار بم ڌماڪي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا.  پرڏيهي خابرو اداري موجب لوگر جي علائقي پلِ عالم ۾ آپگهاتي بمبار بارود سان ڀريل ڪار آمريڪي فوجي قافلي سان ٽڪرائي ڇڏي.ڌماڪي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 3 زخمي ٿيا. طالبان حملي جي ذميداري قبول ڪري ورتي. طالبان ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان حملي ۾ غيرملڪي فوج کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 آمريڪي فوجي مارجي ويا.  افغان اختيارين واقعي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته حملي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا جن ۾ عورتن ۽ ٻار شامل آهن. افغانستان ۾ مقرر آمريڪي نيٽو فوج اڃان تائين فوجين جي مارجڻ جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي.هوڏانهن  لوگرپوليس جي ترجمان شاهه پور عرب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته حملي ۾ آمريڪي فوجي قافلي کي ٿورو گهڻو نقصان پهتو جڏهن ته فوجين جي مارجڻ جا اطلاع ناهن مليا، صوبائي ڪونسل جي سربراهه حسيب ستانڪزئي  ٻڌايو ته آمريڪي فوجي دستو عسڪريت پسندن جي خلاف هڪ آپريشن ڪري واپس پنهنجي بيس اچي رهيو ته رستي ۾ انهن کي نشانو بڻايو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان کان پلاند وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي: ڀارتي آرمي چيف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي آرمي چيف بپن راوت چيو آهي ته پاڪستان خلاف سخت ڪارروائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے