26 اربع , سيپٽمبر 2018

سمرتي ايراني جو شاهه رخ خان ۽ پنهنجي مڙس جي تصوير تي دلچسپ تبصرو

Interesting comment on Shahrukh Khan's Shahrukh Khan and his man's pictureنئي دهلي(شوبز نيوز) اڳوڻي ماڊل، ادڪارا ۽ ڀارتي پارليامنٽ جي ميمبر سمرتي ايراني اڪثر ڪري سوشل ميڊيا تي پنهنجي دلچسپ پوسٽن جي ذريعي ڌيان جو مرڪز هوندي آهي ۽ ويجهڙائي ۾ سندس اڪائونٽ تان پوسٽ ٿيل باليووڊ ڪنگ شاهه رخ خان ۽ سندس مڙس جي هڪ تصوير ۽ ان جي ڪيپشن جي ڌم متل آهي.  انسٽاگرام تي پوسٽ ڪيل تصوير ۾ شاهه رخ خان، سمرتي ايراني جو مڙس زوبين ايراني سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نظر اچي رهيو آهي، جڏهن ته ڪيپشن ۾ ڀارت جي ٽيڪسائل وزير سمرتي ايراني لکيو ته ۽ هي ماڻهو چوندا آهن ته رڳو عورتون ئي ڪچهري ڪنديون آهن. ياد رهي ته سمرتي ايراني جو مڙس زوبين ايراني ڪنگ خان جي ننڍپڻ جو دوست آهي ۽ اها تصوير وجهڙائي ۾ ئي آڪاش امباني ۽ شولڪا مهتا جي مڱڻي جي تقريب دوران ورتي وئي هئي. سمرتي ايراني طرفان پوسٽ ڪيل تصوير ۽ ان جي ڪيپشن تي واهپيدارن پڻ دلچسپ تبصرا ڪيا. ڪنهن سمرتي جي حمايت ڪندي چيو ته مڙد اڪثر عورتن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪچهري ڪندا آهن. ته ڪنهن وري ڀوڳ ڪندي چيو ته اهي ٻئي عورتن جي حوالي  سان ڪچهري ڪري رهيا آهن ۽ توهان انهن جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهيون. جڏهن ٻين واهپيدارن سدائين جيان سمرتي جي ڀوڳ ۽ مزاح سان ڀرپور پوسٽ جي تعريف ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

From the beginning I'm not going to enter the item number: kubra khan

شروع کان چئي رهي آهيان ته آئٽم نمبر نه ڪنديس: ڪبريٰ خان

ڪراچي ( شوبز نيوز ) ويجهڙائي ۾ ريليز ٿيندڙ فلم ”طيفا اِن ٽربل“ جي آئٽم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے