23 آچر , سيپٽمبر 2018

سي پي ايل 2018:  ٽرنباگو نائيٽ رائيڊرز شاداب خان جي جاءِ تي فواد احمد جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون

cpl2018: Fawad Ahmed's services have been found at the place of Terbabago Night Riders Shadab Khan.ڪنگسٽن(اسپورٽس نيوز) ڪيريبيئن پريميئرليگ 2018 لاءِ ٽرائنباگو نائيٽ رائيڊر پاڪستاني ليف اسپنر شاداب خان جي جاءِ تي آسٽريلوي ليگ اسپنر فواد احمد جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون. شاداب گذريل سيزن ۾ نائيٽ رائيڊر کي ٽائٽل حاصل ڪرائڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو هو پر هو هن ڀيري فرنچائز کي دستياب نه هوندو. ٽيم جي ڊائريڪٽر وينڪي ميسور چيو آهي ته اسان کي هن سال شاداب خان معاهدو نه ٿيڻ تي تمام گهڻو افسوس آهي پر فواد احمد ان جو شاندار متبادل آهي، هو به بال کي وڪيٽن جي ٻنهي پاسن ڏانهن گهمائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، اسان کي پورو يقين آهي فواد اسان جي ٽيم ۾ بهترين اضافو ثابت ٿيندو. نائٽ رائيڊر پنهنجي ٽائٽل جي بچاءُ جي شروعات 8 آگسٽ تي سينٽ لوشيا اسٽارز خلاف ميچ سان ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: پاڪستاني ٽيم ڀارت خلاف 162 رنسن تي ڍير

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي پنجين ميچ ۾ قومي ٽيم ڀارت خلاف پهريان بيٽنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے