21 جمعو , سيپٽمبر 2018

فلم ”سنجو“آن لائن نه ڏسڻ تي راجڪمار هيراڻي مداحن جا ٿورا مڃيا

Regarding not seeing the movie "Sanju" online, Rajkumar Hirani thanked the fansممبئي(شوبز نيوز) هدايتڪار راجڪمار هيراڻي فلم”سنجو“ کي آن لائن ليڪ ٿيڻ باوجود ٿيٽرن ۾ ڏسڻ تي مداحن جا ٿورا مڃيا شڪر ادا ڪيو. رنبير ڪپور جي ڪيريئر جي سڀ کان وڏي فلم ”سنجو“ گذريل جمعي تي ريليز ڪئي وئي هئي، فلم ريليز ٿيندي ئي ڪيترائي ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ ڪيترائي نوان ريڪارڊ قائم ڪيا آهن. پر فلم کي پهريون جهٽڪو ان وقت لڳو جڏهن فلم پهرين ئي ڏينهن ته فيسبڪ ۽ انٽرنيٽ تي ليڪ ٿي وئي ۽ فلم جو ٽورينٽ لنڪ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ لڳو پر ان باوجود سنجي دت جي مداحن فلم جي کي آن لائن ڏسڻ کان انڪار ڪندي ٻين ماڻهن کي به درخواست ڪئي ته هو فلم کي ٿيٽر ۾ وڃي ڏسن.  ان حوالي سان فلم جي ڊائريڪٽر راجڪمار هيراڻي فيسبڪ تي انهن سمورين ماڻهن جا ٿورا مڃيا جن فلم آن لائن ڏسڻ کان انڪار ڪندي فلمسازن کي پڻ فلم جي آن لائن ورزن ليڪ ٿيڻ کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو. رجڪمار هيراڻي فيسبڪ تي لکيو ته توهان سڀني چاهيندڙن جا ٿورا جن اسان کي فلم جي آن لائن ليڪ ٿيڻ کان آگاهه ڪيو، جاچ ڪرڻ بعد پتو پيو ته فلم سنجو ڪيمرا تي ٺاهي وئي ڪاپي فيسبڪ تي ليڪ ٿي وئي جيڪا اسان لاءِ وڏي صدمي جي ڳالهه آهي. پر توهان ماڻهن فلم غيرقانوني طور ڏسڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ان سان گڏ ئي توهان ماڻهن ان مسئلي طرف اسان جو ڌيان ڏياريو جنهن بعد اسان انتظاميا جي مدد سان اها فلم فيسبڪ تان هٽرائي ڇڏي.  مان چوڻ چاهيان ٿو ته توهان سڀ ماڻهوغيرمعمولي انسان آهيو، توهان ان ڳالهه کان واقف آهيو ته هڪ فلم ٺاهڻ ۾ ڪيترو پيسو لڳندو آهي، رت، پگهر ۽ ڳوڙها لڳندا آهن. توهان سڀني جي سنيما سان محبت جي سبب اسان کي وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ حوصلو ملندو آهي، مان توهان سڀني ماڻهن جا دل جي گهرائن سان ٿورا مڃڻ چاهيان ٿو.  ياد رهي ته فلم” سنجو“ رڳو چئن ڏينهن ۾ باهوبلي ۽ ريس 3 سميت ڪيترين ئي ڪامياب فلمن جا ريڪارڊ ٽوڙي چڪي آحي جڏهن ته فلم جي نمائش ڪاميابي سان جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے