20 خميس , سيپٽمبر 2018

شاهه محمود قريشي جي ڀاءُ ن ليگ جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

ملتان(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي ڀاءُ مرد حسين قريشي مسلم ليگ ن جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب تحريڪ انصاف جي وائس چئرمين شاهه محمود قريشي جي ڀاءُ مريد حسين قريشي اين اي 157 ۾ مسلم ليگ ن جي عبدالغفار  ڊوگر جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، مريد حسين قريشي جو چوڻ هو ته اين اي 157 ۾ مسلم ليگ ن جي عبدالغفار ڊوگر جي حمايت جو اعلان يوسف رضا گيلاني جي غلط پاليسين جي ڪري ڪيو، يوسف رضا گيلاني جي غلط پاليسين جي ڪري ملتان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ پيپلز پارٽي  جي تباهي جي بنياد رکي وئي آهي. مريد قريشي چيو ته شاهه محمود ۽ منهنجي وچ ۾ اختلاف پيدا ڪندڙ زين حسين قريشي آهي، پيپلز پارٽي کي شاهه محمود جي خلاف ويڙهائڻ جي لاءِ ڪو به اميدوار ناهي مليو جڏهن ته آصف زرداري حامد سعيد ڪاظمي کي شاهه محمود جي خلاف اليڪشن وڙهڻ جي لاءِ راضي ڪرڻ آيو پر نه ڪري سگهيو، آئون پيپلز پارٽي جو حصو آهيان پر ووٽ مسلم ليگ ن کي ڏيندر جڏهن ته پنهنجا خدشا آصف زرداري جي سامهون رکندس پوءِ فيصلو ڪندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي خط تي ڀارت جي جواب جا منتظر آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے