22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

عدالت خلاف تقرير: احسن اقبال هڪ ڀيرو ٻيهر معافي گهري ورتي

لاهور(ويب ڊيسڪ) عدليا مخالف تقرير ڪيس ۾ اڳوڻي گهرو وزير ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال عدالت کان هڪ ڀيرو ٻيهر معافي گهري ورتي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ احسن اقبال جي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي احسن اقبال طرفان معافي گهري تفصيلي جواب جمع ڪرايو ويو، احسن اقبال جي وڪيل چيو ته تفصيلي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ جواب ۾ معافي به گهري آهي جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان پنهنجي جواب ۾ پنهنجي غلطي کي قبوليو آهي، توهان پنهنجي جواب ۾ پنهنجي تعريفون وڌيڪ ڪيون آهن. جسٽس عطار محمود چيو ته جيڪڏهن فيصلي توهان جي حق ۾ اچي ته عدليه ٺيڪ نه ته خراب آهي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته پيپلز پارٽي تي جيترو ظلم ٿيو، شاباس آهي هنن کي جو هنن ڪجهه به نه چيو پر توهان جيڪي ليڊرشپ ڪري رهيا آهيو اُها ڇا آهي، 100 پيشيون ڀوڳيون ته ڇا ٿي پيو، هڪ پاسي توهان چئو ٿا ته اڳتي لاءِ اهڙي ڳالهه نه ڪنداسين پر ٻاهر وڃي وري اُهي ئي ڳالهيون ڪندا آهيو ۽ ٻاهر نڪري توهان بينا ڏيندا آهيو ته توهان جي پارٽي کي نشانو بڻايو پيو وڃي توهان عدالت جي باري ۾ ائين ئي چوندئو ته ڇا ٿيندو. احسن اقبال جي وڪيل طرفان اپيل ڪئي وئي ته سندس اصيل پاڻ کي عدالتي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي ان ڪري هن خلاف ڪارروائي اُڪلائي وڃي، عدالت اپيل رد ڪندي چيو ته توهين عدالت جي درخواست تي ڪارروائي 5 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے