20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: قمبر: ڇهن  ٻارن جي امڙ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي آفيس آڏو لاش رکي ڌرڻو

Qambar: The body has been kept in front of the SSP office for arresting eleven children's murderers* قمبر ۾ گذريل رات قتل ڪيل 6 ٻارن جي امڙ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي آفيس جي سامهون  لاش رکي  احتجاج ڪيو ويو .

گذريل رات دوست علي بنگلا ٿاڻي جي حد  ۾ قتل ٿي ويل ڇهن ٻارن  جي ماءُ مومل چانڊيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ انور علي چانڊيو، منظور چانڊيو، پناہ خاتون، ڪونج چانڊيو ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي هنن چيو ته زرعي زمين جي تڪرار تان گذريل رات جوابدارن ڀورل چانڊيو، سانول چانڊيو، عبدالخالق، عاشق چانڊيو گهر تي ڪاهه ڪري مسمات مومل چانڊيو کي  قتل ڪيو.

 هنن مطالبو ڪيو ته قاتلن کي ترت گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .

ڏيڍ ڪلاڪ جي ڌرڻي بعد ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ذوالفقار علي مهر احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو …………

هي به ڏسي سگهو ٿا

Bakhshapur

نيوز | بخشاپور ڀرسان ٽانڊن تي ماتم ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي

بخشاپور ڀرسان ٽانڊن تي ماتم ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي. بڊاڻي ڀرسان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے