22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڪترينا ڪيف نوجوان اداڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ کان لنوائڻ لڳي

Katrina  Kaif seems to be able to work with young actorsممبئي(شوبز نيوز)باليووڊ ادڪارا ڪترينا ڪيف نوجوان اداڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ کان لنوائڻ لڳي آهي.  باليووڊ باربي ڊول ڪترينا ڪيف اڄ ڪلهه پنهنجي ميگا بجيٽ فلم ٺگز آف هندوستان جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي، سندس حوالي سان تازي خبر آهي ته اداڪارا مستبقل ۾ پنهنجي فلمن جي چونڊ جي حوالي محتاط ٿي وئي آهي. اطلاع آهن ته مسلسل ناڪام فلمن بعد گذريل سال ڊسمبر ۾ ريليز ٿيندر ايڪشن ٿرلر فلم ٽائيگر زندا هي جي ڪاميابي سان ڪترينا ڪيف کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي آهي ته کيس ڪهڙن اداڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ ڪهڙن سان نه. رپورٽن موجب ڪترينا ڪيف جون گهڻي قدر اهي ئي فلمون ڪامياب ثابت ٿيون آهن جن ۾ هن پاڻ کان وڏي عمر ۽ ڪامياب اداڪارن سان گڏ ڪم ڪيو، انڪري هاڻ هن اهو طئي ڪري ڇڏيو آهي ته هو نوجوان اداڪارن سان گڏ اسڪرين تي رومانس نه ڪندي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪترينا ڪيف 2016 ۽ 2017 ۾ ريليز ٿيل پنهنجي سمورين ناڪام فلمن ۽ ٽائيگر زندا هي جي ڪاميابي بعد اهو فيصلو ڪيو آهي ته هو هاڻ رڳو اداڪارن ۽ يعني، شاهه رخ خان ۽ عامر خان جهڙن اداڪارن سان گڏ ڪم ڪندي. جڏهن ادڪارا جي خواهش آهي ته جيڪڏهن کيس بهترين اسڪرپٽ واري فلم ۾ نوجوان ۽ نون اداڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي ته هو ان باري ۾ ضرور سوچيندي.جڏهن ته  دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪترينا ڪيف جي آخري ڪامياب فلم ٽائيگر زندا هي هئي جنهن هو سلمان خان سان گڏ مرڪزي ڪردار ادا ڪندي نظر آئي هئي، جڏهن سندس ايندڙ ٻن فلم ۾ ٺگز آف هندوستان ۽ زيرو شامل آهن، جن هو عامر خان ۽ شاهه رخ خان سان گڏ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندي. جڏهن رومانوي فلم اي بي سي ڊي 3 ۾ پاڻ کان ننڍي عمر واري نوجوان اداڪار ورون ڌون سان گڏ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي. ڪترنيا ڪيف جي 2017 ۾ رنبير ڪپور سان گڏ ريليز ٿيل فلم جگا جاسوس پڻ ناڪام ثابت ٿي هئي، جڏهن ته 2016 ۾ ريليز ٿيل فلمون فتور ۽ بار بار ديکو پڻ فلاب ثابت ٿيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے