25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

عام چونڊن ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين: فواد چوڌري

Iftikhar Chaudhry has become unconstitutional for the system: Fawad Chaudhryاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف چئني صوبن جي گورنرن کي تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته چونڊن ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو ته تحريڪ انصاف 25 جولاءِ کانپوءِ قومي ۽ صوبائي حڪومتون ٺاهيندي، جڏهن ته اقتدار ۾ اچي فاٽا ۾ صوبائي اليڪشن جلد کان جلد ڪرائي ويندي، حڪومت ٺاهيندي ئي فاٽا  جي انضمام کي مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته عام چونڊن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، نواز شريف ۽ مريم نواز توڙي سندن ساٿي عام چونڊن ۽ ان جي نتيجن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته نواز شريف لنڊن ۾ ويهي ادارن تي تنقيد ڪري رهيو آهي، نواز شريف جو نظريو ڊان ليڪس کان شروع ٿيو جيڪو ناڪام ٿي چڪو آهي. فواد چوڌري چيو ته ادارن خلاف ڳالهائڻ سان ملڪ کي سڌو نقصان پهتو جڏهن ته نواز شريف جي موقف سبب ئي ملڪ گري لسٽ ۾ شامل ٿي ويو آهي.فواد چوڌري چيو ته تحريڪ انصاف ڪنهن به صورت ۾ چونڊن ۾ دير برداشت نه ڪندي، تحريڪ انصاف مڪمل طاقت سان چونڊن لاءِ تيار آهي، جڏهن ته ايئن لڳي ٿو ته تحريڪ انصاف کانسواءِ ڪي ٻي پارٽي چونڊ مهم نه هلائي رهي آهي. هن چيو ته چئني صوبن جي گورنرن کي تبديل ڪيو وڃي، جڏهن ته ڪي پي جو گورنر اڃا به انتظامي معاملا هلائي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے