25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ٽي ملڪي سريز: پاڪستان جو آسٽريليا کي ڪاميابي لاءِ 117 رنسن جو ٽارگيٽ

Three Malaysian Syrians: Australia's runner-up score of 117 runs for Australiaهراري(ويب ڊيسڪ) ٽي ملڪي ٽي 20 سريز جي ٻي ميچ ۾ پاڪستان آسٽريليا کي ڪاميابي لاءِ 117 رنسن جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو.زمبابوي جي هراري اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ ڪينگروز ڪپتان ايرون فنچ ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو . گرين شرٽس طرفان محمد حفيظ ۽ فخر زمان اننگز جي شروعات ڪئي. بلي اسٽيلنڪ جي پهرين ئي اور جي ٽئين بال تي محمد حفيظ بنا ڪنهن رنسن ٺاهڻ جي سلپ ۾ فنچ کي ڪيچ ڏئي پولين روانو ٿيو. ٻئي وڪيٽ لاءِ طلعت حسين ۽ فخر زمان 12 رنسن جي ڀائواري جوڙي ته طلعت حسين به بلي اسٽيلنڪ جو شڪار بڻيو جنهن بعد فخر زمان به اسٽينلڪ جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو هن 6 رنسون اسڪور ڪيو. ڪپتان سرفراز احمد به گهڻي دير وڪيٽ تي موجود نه رهيو ۽ رڳو 4 رنسون ٺاهي ميدان مان ٻاهر هليو ويو، جڏهن ملڪ جو سفر 13 رنسن تائين محدود رهيو ۽ آصف علي به 22 رنسن تائين ٽيم کي سهارو ڏئي سگهيو. آسٽرليا طرفان بلي اسٽينلڪ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي چئن اورن ۾ 8 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون حاصل ڪيو جڏهن مرڪس اسٽونيس هڪ شڪار ڪيو

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: ڀارت هڪ دفعو وري پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي سرپر فور جي هڪ ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے