19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڊيمن ۾ پاڻي جو مجموعي ذخيرو ملڪي تاريخ جي گهٽ ترين سطح تي اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڊيمن ۾ پاڻي جي مجموعي ذخيرو تاريخ جي گهٽ ترين سطح تي اچي ويو آهي. ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ جو معاملو بحث هيٺ آهي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ به ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت بابت ڪيس جي ٻڌڻي هلي رهي آهي. گذريل ٻڌڻي جي موقعي تي چيف جسٽس ٻڌايو ته ڊيمن جي ماهرن جي اجلاس ۾ ملڪ ۾ فوري طور ٻن ڊيمن جي اڏاوت تي اتفاق ٿي ويو آهي. ارسا ذريعن موجب ڊيمن ۾ پاڻي جو مجموعي ذخيرو ملڪي تاريخ  جي گهٽ ترين سطح تي اچي ويو آهي. ذريعن موجب ڊيمن ۾ پاڻي جو ذخيرو رڳو 9 لک ايڪڙ فوٽ آهي، جنهن ۾ تربيلا ۾ پاڻي جو ذخيرو هڪ لک 28 هزار ۽ منگلا ۾ 7 لک 18 هزار ايڪڙ فوٽ آهي.  ذريعن موجب چشما ۾ پاڻي جو مجموعي ذخيرو 44 هزار ايڪڙ فوٽ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے