22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهر واري بيگم ڪلثوم نواز جي طبيعت ۾ بهتري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهر واري بيگم ڪلثوم نواز جي طبيعت ۾بهتري اچي رهي آهي. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر خلاف ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران نواز شريف ۽ مريم نواز عدالت ۾ پيش نه ٿيا پر سندس وڪيل طرفان حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي وئي. درخواست ۾ موقف ۾ اختيار ڪيو ويو ته نواز شريف جي گهر واري ڪلثوم نواز لنڊن ۾ نهايت بيمار آهي، درخواست سان گڏ مريم نواز جي ميڊيڪل رپورٽس به ڳنڍيون ويون. عدالت ۾ پيش ڪيل ڪلثوم نواز جي ميڊيڪل رپورٽ 27 جون تي تيار ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته بيگم ڪلثوم نواز جي طبيعت اڳ کان وڌيڪ بهتر ٿي آهي پر اڃا وينٽي ليٽر تي آهي، اڃا وينٽي لينٽر هٽائڻ جو فيصلو اڃا نه ٿيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Weather Department Today's heat-rising predecessors, the beach closed off

موسميات کاتي پاران اڄ کان ڪراچيءَ ۾ گرمي وڌڻ جي اڳڪٿي، سامونڊي هوائون بند

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ۾ سامونڊي هوائن بند هئڻ سبب ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے