22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ترڪ حڪومت فوجي بغاوت ۾ ملوث ڪيترن ئي ڪرنلن جي گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو

The Turkish government ordered the arrest of several Karlins involved in the military uprisingانقرا(ويب ڊيسڪ) ترڪي جي حڪومت فوجي بغاوت جي جاچ ۾ وڌيڪ فوجي آفيسرن جي گرفتاري جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب حڪومت فوجي بغاوت ۾ ملوث هئڻ جي الزام ۾ ڪيترن ئي ڪرنلن سميت 68 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو ويو آهي انهن ۾ 22 ڪرنل ۽ 27 ليفٽننٽ ڪرنل شامل آهن. هن وقت تائين 19 آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي . ترڪي جي قانون واري کاتي ٻڌايو آهي ته اهي جوابدار باغين جي مبينا اڳواڻ فتح الله گولن سان فون ذريعي رابطي ۾ هئا. گڏيل قومن جي انساني حقن واري شعبي موجب ترڪ حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ملوث هئڻ جي الزام ۾ هن وقت تائين هڪ لک 60 هزار جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.۽ ايترن ئي سرڪاري ملازمن سندن ملازمتن تان فارغ ڪيو ويو آهي. 50 هزار جوابدارن تي با ظاطبه طور تي ڪيس هلائي مختلف سزائون ٻڌايون ويون. ياد رهي ته 15 جولائي 2016 تي ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي خلاف ٿيل فوجي بغاوت ٿي هئي، جيتوڻيڪ بغاوت جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو هو پر ان ۾ 350 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 2100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا، ترڪ حڪومت جو الزام آهي ته آمريڪا ۾ رهندڙ جلاوطن مذهبي اڳواڻ فتح الله گولن ۽ سندس جماعت گولن موومنٽ ان بغاوت ۾ ملوث هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام ۾ به ڀارتي فورسز جو ڏاڍ جاري، ٻه ڪشميري شهيد

سري نگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري رکندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے