18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

راهول ڊريوڊ ۽ رڪي پونٽنگ آءِ سي سي هال آف فيم ۾ شامل

Rahul Drude and Ricky Ponting joined the ICC Hall of Fameدبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارت ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي اڳوڻن ڪپتانن راهول ڊريوڊ ۽ رڪي پونٽنگ کي آءِ سي سي هال آف فيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن عورت پليئرن ۾ انگلش وڪيٽ ڪيپر ڪرين ٽيلر پڻ ان ڪلب ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. راهول ڊريوڊ هال آف فيم ۾ جاءِ ٺاهينڊر پنجون ڀارتي رانديگر آهي، ان کان اڳ 2009 ۾ بيشن سنگهه بيدي، سنيل گواسڪر، ڪپل ديو جڏهن ته 2015 ۾ انيل ڪمبلي کي ان ڪلب ۾ شامل ڪيو ويو هو. ڊريوڊ پنهنجي ٽيسٽ ڪيرئير ۾ ڀارت جي طرفان 164 ٽيسٽ ميچن ۾ نمائندگي ڪندي 36 سينچرين جي مدد سان 13 هزار 288 رنسون ٺاهيون. اهڙي ئي طرح 244 ون ڊي ميچن ۾ 12 سنيچرين جي مدد سان 10 هزار 889 رنسون اسڪور ڪيون، ان ڪارڪردگي جي بنياد تي کيس آءِ سي سي هال آف فيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان رڪي پونٽنگ ان ڪلب ۾ شامل ٿيندڙ 25 ڪينگرو رانديگر آهي. رڪي پونٽنگ پنهنجي ڪيرئير ۾ 168 ٽيسٽ ميچن ۾ 41 سينچرين ۽ 62 ففٽين جي مدد سان 13 هزار 378 رنسون ٺاهيون. 375 هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن ۾ هن 30 سينچرين ۽ 82 ففٽين جي مدد سان 13 هزار 704 رنسون ٺاهيون ۽ 17 ٽي 20 ميچن ۾ رڪي پونٽنگ آسٽريليا جي نمائندگي ڪندي 401 رنسون ٺاهيون. ويمن انگلش ٽيم جي اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر ڪرين ٽيلر پنهنجي بهترين ڪرڪيٽ ڪيرئير جي بنياد تي هال آف فيم ۾ شامل ٿي، هن 15 ٽيسٽ ميچن ۾ هڪ هزار 30 رنسون جڏهن ته 126 ون ڊي ميچن ۾ 4 هزار 101 ۽ 21 ٽي ميچن ۾ 615 رنسون اسڪور ڪيون

هي به ڏسي سگهو ٿا

Asia Cup: India Today the competition will be held with Hong Kong

ايشيا ڪپ: اڄ ڀارت جو هانگ ڪانگ سان مقابلو ٿيندو

دبئي ( اسپورٽس نيوز )  چوڏهين ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ اڄ ڀارت جو هانگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے