25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

عالمي ٽي 20: سرفراز احمد پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪامياب ترين ڪپتان بڻجي ويو

World T20: Sarfraz Ahmed became the most successful captain of the Pakistan Cricket Teamهراري(اسپورٽس نيوز) سرفراز احمد ٽي 20 انٽرنيشنل جو ڪامياب ترين قومي ڪپتان بڻجي ويو. سرفراز احمد زمبابوي خلاف ٽي ملڪي ٽي 20 سريز جي شروعاتي ميچ ۾ 74 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي، اها مختصر فارميٽ ۾ ڪپتان طور هن جي 20 هين ڪاميابي هئي. جنهن بعد هو قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي کان اڳتي نڪري ويو آهي.شاهد آفريدي ڪپتان طور ان فارميٽ ۾ گرين شرٽس کي 19 ڪاميابيون ڏياريون هيون، سرفراز احمد هن وقت تائين ڪپتان طور رڳو ٽن ميچن ۾ ناڪام رهيو آهي، محمد حفيظ 29 مان 17 ۾ ڪاميابين سان ان فهرست ۾ ٽئين نمبر تي آهي، محمد حفيظ ۽ آفريدي جي قيادت ۾ قومي ٽيم هڪ هڪ ميچ ٽائي پڻ ڪيو هو. شعيب ملڪ 17 ميچن ۾ ڪپتان طور 12 ۾ ڪامياب رهيو، 4 ميچن ۾ شڪست ۽ جڏهن هڪ مقابلو برابري تي ختم ٿيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

National Conference seeks to issue the NOC for participating in the Afghan Premier League

قومي ڪرڪيٽرن طرفان افغان پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ جو مطالبو

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽرن افغان پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ نو آبجيڪشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے