19 اربع , سيپٽمبر 2018

هاڪي چيمپئنز ٽرافي: 6 ٽيمن مان پاڪستان هاڪي ٽيم آخري پوزيشن تي

Hockey Champions Trophy: Pakistan's Hockey Team on the last positionلاهور(اسپورٽس نيوز) ايف آءِ ايڇ چيمپئنز ٽرافي هاڪي ٽورنامنٽ ۾ ڀارت کي  پنالٽي شوٽ آئوٽ تي 3-1 تان شڪست ڏئي آسٽريليا چيمپئن بڻجي . جڏهن پاڪستان پوزيشن ميچ ۾ بيلجيئم جي هٿان شڪست ملڻ بعد آخري نمبر تي رهيو. ايف آءِ ايڇ چيمپئنز ٽرافي جي فيصلائتي ميچ ۾ آسٽريليا ۽ ڀارت جي وچ ۾ کيڏي وئي جنهن ۾ دلچسپ مقابلي بعد 3-1 تان ڪاميابي حاصل ڪندي آخري چيمپئنز ٽرافي جي فاتح بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو. ميچ جو فيصلو پنالٽيز تي ٿيو، مقرر وقت تي ميچ 1-1 تان برابر رهيو، آسٽريليا جي بيلڪ گوروز راند جي 34 هين منٽ ۾ پنهنجي ٽيم کي برتري ڏياري جڏهن ته 42 هين منٽ ۾ وويڪ پرشاد بال ڄار جي اندر اڇلائي مقابلو برابر ڪري ڇڏيو. جنهن بعد پنالٽي شوٽ آئوٽس تي آسٽريليا جي هڪ جي مقابلي ۾ ٽن گولن تان ڪاميابي حاصل ڪري چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو.  ان کان اڳ پاڪستان کي بيلجيئم جي هٿان پنالٽي شوٽ آئوٽ تي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو، بيلجيئم هڪ جي مقابلي ۾ ٻن گولن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. پاڪستان هاڪي ٽيم  ايونٽ ۾ انتهائي خراب ڪاڪردگي  مظاهرو ڪيو ۽ آخري پوزيشن حاصل ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Asia Cup: India Today the competition will be held with Hong Kong

ايشيا ڪپ: اڄ ڀارت جو هانگ ڪانگ سان مقابلو ٿيندو

دبئي ( اسپورٽس نيوز )  چوڏهين ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ اڄ ڀارت جو هانگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے