21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نواز شريف ۽ مريم نواز ڏيهه واپسيءَ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس نياڻيمريم نواز جي هڪ هفتي ۾ڏيهه واپسيءَ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب نواز شريف ۽ مريم نواز جي ڏيهه واپسيءَ جو فيصلو سينئر ليگي قيادت سان مشوري کانپوءِ ڪيو ويو آهي، ڏيهه واپسيءَ تي ٻئي مسلم ليگ ن جي چونڊ مهم جي قيادت ڪندا.  ذريعن موجب  نواز شريف مختلف شهرن ۾ چونڊ مهم هلائڻ لاءِ انتظامن جي هدايت به ڪئي  آهي. ذريعن موجب نواز شريف جي پهريون وطن واپسيءَ جي تجويز به غور هيٺ آهي. ٻئي طرف ذريعن موجب نواز شريف جي گهر واري بيگم ڪلثوم نواز جو اڄ تفصيلي طبي معائنو ڪيو ويندو  ۽ سي ٽي اسڪين به ڪيو ويندو. ڪلثوم نواز شريف جي طبي معائني کانپوءِ اڱاريتي نواز شريف جي ڊاڪٽرن سان تفصيلي ملاقات ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومون اسرائيلي ڌمڪين جو نوٽيس وٺن: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران گڏيل قومن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے