18 اربع , جولاءِ 2018

پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ۽ نگران حڪومت جو مينڊيٽ

نگران سرڪار آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جي سمري منظور ڪري پئٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ سميت پيٽروليم جي سمورن اسمن جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي،  جيڪا مجموعي طور 3 کان 14 رپيا آهي. وڌايل قيمتن کان پوءِ پئٽرول  99.5 رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڊيزل ۽ پيٽروليم جي ٻين شين جا اگهه به چوٽ چڙهي ويا آهن. هي ٻيو ڀيرو آهي جو نگران سرڪار پيٽروليم جي شين ۾ واڌ ڪئي آهي.

ڏٺو وڃي ته ملڪ ۾ عام چونڊن جو ماحول آهي جنهن جا سواءِ چونڊن واري ڏينهن جي باقي سڀ مرحلا مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ سياسي جماعتون توڙي آزاد اميدوار چونڊ مهم به ڪري چڪا آهن. چونڊيل حڪومت جڏهن مئي ۾ آئيني مدو پورو ڪيو هو ته آئين مطابق حڪومت ۽ مخالف ڌر وفاق ۾ ۽ صوبن ۾ گڏيل صلاح مشوري سان وزيراعظم توڙي وڏن وزيرن جي نالن تي اتفاق ڪيو هو، جنهن کان پوءِ وفاق ۾ توڙي صوبن ۾ نگران سيٽ اپ آيو جيڪو اڄ ڪم ڪري رهيو آهي. نگران سيٽ اپ يا ايئن کڻي چئجي ته ٻن ٽن مهينن جي عارضي حڪومت جو مينڊيٽ صرف ۽ صرف وقت تي صاف شفاف ۽ منصفاڻيون چونڊيون يقيني بڻائڻ آهي، ان ڏس ۾ گهربل انتظام ڪرڻ، اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي عمل ڪرڻ، سياسي جماعتن جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ، امن امان يقيني بڻائڻ ۽ سياسي اڳواڻن توڙي اميدوارن جو تحفظ يقيني بڻائڻ ئي نگرانن جو مينڊيٽ آهي.

ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته پاڪستان جي معيشت دٻاءَ جو شڪار آهي، زراعت هجي، صنعت هجي، برآمدي واپار هجي يا روانگي واپار، ڪا به شيءِ درست رخ ۾ نه پئي وڃي، فوجي حڪومتون هجن يا چونڊيل حڪومتون هر ڪنهن کي ملڪ جو وهنوار هلائڻ لاءِ عالمي مالياتي ادارن سان رابطو ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نظر نٿو اچي، جيڪا حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري چونڊن جي ميدان ۾ آهي تنهن جي دعويٰ هئي ته انهن معيشت مضبوط ڪئي آهي، ڪستو ٽوڙي ڇڏيو آهي ۽ عالمي مالياتي ادارن ڏانهن وڃڻ جي هاڻي ڪا ضرورت ناهي، پر ملڪ ۾ معيشت جي اڄ جيڪا حالت آهي، پرڏيهي مٽاسٽا واري ناڻي جا ذخيرا جيڪي ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيا آهن يا عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ جو سبب بڻائي عوام تي جيڪو مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو آهي تنهن مان چٽي طرح سمجهه ۾ اچي ٿو ته ملڪي معيشت ڪيتري پيرن تي بيٺل آهي ۽ عالمي مالياتي ادارن تي نه ڀاڙڻ واري دعويٰ ۾ ڪيتري صداقت آهي.

پيٽرول هاڻي جيئن ته 100 رپيا ليٽر ٿي ويو آهي، تنهن ڪري اڳ ئي مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجندڙ عوام جي صورتحال ويتر رحم جوڳي ٿي ويندي، ڇو جو اسان وٽ عام واهپي جي شين ۾ وڌيل مهانگائيءَ جي مناسبت سان توازن رکڻ، بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙ واپارين تي نظر رکندڙ ۽ سرڪاري اگهن جي لسٽ کي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلي من پسند اگهه وٺندڙ واپارين ۽ دڪاندارن کان پڇاڻي جو ڪو به اثرائتو مڪينزم نه هجڻ جي ڪري عوام لاچار ۽ بيوس ئي رهي ٿو.

هڪ ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ڪرڻ نگران سرڪار جو مينڊيٽ ئي ناهي، بهتر ٿئي ها ته نگران حڪومت پنهنجي ايام ڪاريءَ ۾ ٻه ڀيرا پيٽروليم جون قيمتون وڌائي مهانگائيءَ جو بم عوام تي ڪيرائڻ بدران پنهنجو پاڻ کي چونڊون پرامن نموني ڪرائڻ تي ئي ڌيان ڌريل رکي ها ته اڄ ان تي جيڪي آڱريون کڄن ٿيون سي نه کڄن ها. اوگرا جي سمري اهو چئي به رد ڪري پئي سگهي ته جيئن ته تيل جي قيمتن ۾ واڌ هئڻ جو مينڊيٽ ناهي، تنهن ڪري اهو ڪم ايندڙ حڪومتن تي ڇڏيو وڃي ٿو.

عالمي مارڪيٽ ۾ ڀلي جو تيل جي قيمتن ۾ معمولي واڌ به ٿئي پر اسان وٽ چيڪ ۽ بيلنس جو اثرائتو نظام نه هجڻ جي ڪري ٽرانسپورٽ مافيا، واپاري مافيا قيمتن جي واڌ جي آڙ  ۾ عوام جو رت چوسڻ کان نٿي گهٽائي. پيٽروليم جي قيمتن ۾ جي 5 يا 7 رپيا في ليٽر واڌ ٿئي ٿي ته ٽرانسپورٽر في مسافر تي پنجاهه کان سئو سيڪڙو ڀاڙو وڌائي ٿا ڇڏين ۽ کانئن ڪو پڇڻ آکڻ وارو نه ٿو هجي، نه رڳو ايترو پر چانور، ڀاڄين، دالين، کاڄرو تيل سميت عام واهپي جي شين جا اگهه به واپاري پيٽرول جي قيمتن جي وڌڻ جي آڙ ۾ آسمان تي پڄائي ٿا ڇڏين پر انهن کان ڪو پڇڻ وارو ئي نه ٿو هجي. سڄو نظام ئي بحران جي ور چڙهيل نظر اچي ٿو.

هڪ ته سرڪار جي غير سنجيدگي جي ڪري عوام مهانگائي جي ڀوڳنا ڀوڳي ٿو ۽ ٻيو وري سرڪار پاڻ به عوام جو رت چوسڻ کان وسان نه ٿي گهٽائي، پيٽرول جي في ليٽر تي 10 رپين بدران 30 رپيا ٽيڪس وصول ڪيو وڃي ٿو، جيڪا به عوام سان سنئين سڌي زيادتي آهي، مطلب اڄ جي پيٽرول 100 رپيا في ليٽر ملي ٿو ته ان ۾ سرڪار جو 30 رپيا في ليٽر تي ٽيڪس به شامل آهي، جيڪو جيڪڏهن گهٽائي پنج يا ڏهه رپيا ڪجي ته 100 رپئي ليٽر وارو پيٽرول عوام کي 70 يا 75 رپين ۾ پئجي سگهي ٿو. سو عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ ته پيٽرول تي سرڪار طرفان اڳاڙجندڙ ٽيڪس گهٽائڻ جي ضرورت آهي، نه رڳو ايترو پر قيمتن جي واڌ جو جواز ڄاڻائي مهانگائيءَ جو جيڪو طوفان برپا ڪيو وڃي ٿو تنهن کي به قابو ۾ آڻڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي.

سومر 2 جولاءِ 2018ع، 17 شوال 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

عام چونڊن دوران امن امان هر حال ۾ يقيني بڻائڻ جي ضرورت

وفاقي حڪومت اعتراف ڪيو آهي ته ملڪ جي اهم سياستدانن تي چونڊ مهم دوران حملن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے