24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: کوکرا پار: سول سوسائٽي پاران آرتي مهيشوري جي آزاديءَ لاءِ احتجاجي ريلي

khokhra par: Civil Society protest protest for independence of Artishehrکوکرا پار ڀرسان سياسي سماجي ڌرين ۽ سول سوسائٽي پاران آرتي مهيشوري جي آزاديءَ لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

ملير جي ميمڻ ڳوٺ واري علائقي مان 7 مهينا اڳ اغوا ڪيل آرتي جي آزادي لاءِ نديم ميمڻ، فيض حسن ۽ سنتوش ڪمار سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ مختلف سياسي پارٽين توڙي سوسائٽي جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن الزام هنيو ته آرتي مهيشوري کي پوليس اهلڪار عبدالخالق جمالي گهر مان اغوا ڪري ويو هو، لڳاتار احتجاجن باوجود آرتي جي آزاديءَ لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو ويو.

هنن الزام هنيو ته پوليس جوابدار سان ٻٽ بڻيل آهي، جنهن سبب انصاف ناهي ملي رهيو، ٻه ڪلاڪ لڳاتار ڌرڻي بعد به ايس ايڇ او ملاقات ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ملوث پوليس اهلڪار گرفتار ڪري آرتي مهيشوري کي آزاد ڪرائن، نه ته هو احتجاجي دائرو وڌائيندا.

هوڏانهن اغوا ڪيل ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندن نياڻي کي زمين کائي وئي يا آسمان کڻي ويو، کين خدشو آهي ته سندس نياڻي کي اغوا ڪندڙ پوليس اهلڪار قتل ڪري ڇڏيو آهي……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے