22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

فٽبال ورلڊ ۾ وڌيڪ هڪ اپ سيٽ، روس جي ٽيم اسپين کي ٻاهر ڪري ڇڏيو

ماسڪو (اسپورٽس نيوز) روس جي ٽيم اڳوڻي عالمي چيمپيئن کي اپ سيٽ شڪست ڏئي فيفا ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو. پري ڪوارٽر فائنل مرحلي جي ٽين ميچ ۾ ميزبان روس ۽ اسپين جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون، جنهن جي پهرين هاف ۾ ٻنهي ٽيمن طرفان هڪ – هڪ گول ڪيو ويو، جڏهن ته ٻئي هاف ۾ ڪوششن باوجود ڪا به ٽيم گول نه ڪري سگهي، جنهن کانپوءِ ٻنهي ٽيمن کي واڌو وقت ڏنو ويو، ان ۾ پڻ ٻئي ٽيمون گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون. نيٺ ميچ جو فيصلو پينلٽي آئوٽ شوٽ تي ٿيو، جنهن ۾ روس جي ٽيم اسپين کي ٽن جي ڀيٽ ۾ چئن گولن تان شڪست ڏئي ايونٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت کي ڳالهيون بحال ڪرڻ جي آڇ ڪئي، ناڪاري جواب تي مايوسي ٿي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي …