24 سومر , سيپٽمبر 2018

چونڊن جي بائيڪاٽ واريون خبرون ڪوڙيون آهن: مريم اورنگزيب

Prime Minister presses on press conference: Maryam Aurangzebلاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته چونڊن جي بائيڪاٽ وارين خبرن ۾ ڪا سچائي ناهي، ن ليگ پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي اڄ به ملڪ جي مقبول ترين پارٽي آهي. مريم اورنگزيب اين اي 127 ۾ مريم نواز جي چونڊ مهم جي شروعات ڪري ڇڏي. ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي سندس چوڻ هو ته مريم نواز جو پاڪستان اچڻ ڪلثوم نواز جي صحت سان مشروط آهي، سندس غير موجودگي ۾ چونڊ مهم هلائينداسين. هن چيو ته چونڊن جو بائيڪاٽ رڳو هڪ الزام آهي، چونڊن کان اهي ڀَڄن، جنهن پنهنجي صوبن ۾ ڪم نه ڪيو، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ترقياتي ڪم ڀيٽيا وڃن ته مخالف پنهنجا مُنهن لڪائيندا وتندا. مريم اورنگزيب چيو ته نواز ۽ شهباز شريف جي قيادت ۾ پارٽي متحد آهي، ووٽ کي عزت ڏيو ۽ خدمت کي ووٽ ڏيو جو نعرو عوام جي دلين ۾ گهر ڪري چڪو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ پوليو مهم سڀاڻي کان شروع ٿيندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ پنج ڏينهن واري پوليو مهم سڀاڻي کان شروع ٿيندي، صحت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے