25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

لياري ۾ پ پ چيئرمين جي ريلي تي پٿراءُ، جيالو زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لياري ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ريلي تي علائقي واسين طرفان پٿراءُ ڪيو ويو، جنهن سبب هڪ جيالو زخمي ٿي پيو، جڏهن ته قافلي ۾ موجود گاڏين جا شيشا پڻ ٽٽي پيا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي چونڊ تڪ اين اي 246 لياري پهتو ۽ ريلي جي صورت ۾ چونڊ مهم جي شروعات ڪئي پر جيئن ئي بلاول جي ريلي لياري جي علائقي بهار ڪالوني ۾ پهتي ته علائقي واسين جي وڏي انگ روڊن تي نڪري پ پ چيئرمين جي قافلي کي روڪي ڇڏيو. انهن پ پ خلاف نعري بازي ڪئي ۽ بلاول جي قافلي ۾ موجود گاڏين تي پٿراءُ ڪرڻ سميت ڏنڊن جو پڻ استعمال ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ پ پ جو هڪ ڪارڪن زخمي ٿي پيو. ان حوالي سان پ پ اڳواڻ يوسف بلوچ جو چوڻ هو ته اها پ پ جا ماڻهو نه پر ڪجهه شرپسند آهن، انهن سدائين پ پ جي مخالفن جو ساٿ ڏنو آهي، لياري ۾ پ پ جا جان نثار به وڏي انگ ۾ موجود آهن پر پارٽي چيئرمين نٿو چاهي ته جيالا صبر جو دامن ڇڏين، ڇو ته لياري اسان جو ئي علائقو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے