26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |گمبٽ: پ پ اميدوار پير فضل شاهه کي ٽڪيٽ ڏيڻ خلاف ڪارڪنن جو  احتجاج

Gambhat: Protestors protest against PTI candidate Fazal Shahگمبٽ ويجهو  سوڀيديري ۾ اين اي 209 تي پ پ  اميدوار پير فضل شاهه پاران تڪ ۾ ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ ۽ پارٽي پاران  کيس ٽڪيٽ ڏيڻ  خلاف پ پ ڪارڪنن احتجاج ڪيو .

پ پ  ڪارڪنن چيو ته پير فضل شاهه 15 سالن کان اقتدار ۾ رهيو پر پنهنجي تڪ ۾ ڪي به ترقياتي ڪم نه ڪرايا.

هنن چيو ته اسپتال ۾ ڪا به سهولت موجود نه آهي جڏهن ته ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن.

هنن چيو ته روڊ رستا کنڊر بڻيل آهن فضل شاهه تڪ ۾ ڪي به ترقياتي ڪم نه ڪرايا آهن .

پ پ ڪارڪنن قيادت کان مطالبو ڪيو ته پير فضل شاهه کان ٽڪيٽ واپس ورتي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

kotri

نيوز | ڪوٽڙي: متاثر عورتن پاران ڀائرن جي ظلم خلاف احتجاج

ڪوٽڙي ۾ عورت ٻارڙن ۽ مائٽن سان گڏجي پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي ظلم خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے